18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته چيف جسٽس جي خواهش سان آئين ٽوڙيندڙ کي ڪجهه نه ڪجي: نواز شريف

Elections have begun before time; The blast has begun: Nawaz Sharifاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته سڀ ڪجهه قانون کان مٿڀرو ٿي رهيو آهي، مشرف جهڙي شخص کي گارنٽي ڪيئن ٿي ملي سگهي؟ احتساب عدالت ۾ پيشيءَ جي موقعي تي ميڊيا سان غير رسمي طور ڳالهائيندي چيو ته نواز شريف سوال اٿاريو ته اسان جي عقل ۽ سمجهه ۾ ڳالهه نه اچي رهي آهي، ڪاڏي ويو آئين ۽ قانون، آرٽيڪل 6 ۽ ڪاڏي ويا سمورا ڪيس؟ هن چيو ته مشرف خلاف هڪ ته سنگين غداريءَ جو ڪيس هلي رهيو آهي ٻي طرف کيس چونڊ وڙهڻ جي مشروط اجازت ملي وئي، جڏهن ته مون کي تاحيات نااهل ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته ڪنهن آئين ۽ قانون ۾ مشروط اجازت ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي، اسان کي به ڏيکاريو، سڀ ماڻهو حيرت ۾ ٻڏل آهن ته چيف جسٽس اهڙو حڪم ڪيئن ٿو ڏئي سگهي. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته ڪو قتل ڪري ڇڏي، آئين ٽوڙي، تباهي مچائي پر چيف جسٽس چاهيندو ته کيس ڪجهه نه ٿيندو. هن چيو ته اڪبر بگٽي قتل ڪيس ۾ پرويز مشرف شامل آهي، ججن کي نظر بند ڪرڻ، 12 مئي جي واقعي ۽ 2 ڀيرا آئين ٽوڙڻ ۾ پرويز مشرف ملوث آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

Recommendation to submitting submissions commission between 8 to 10 October: Sources

صدر جي چونڊ 4 سيپٽمبر تي، وزيراعظم چونڊڻ لاءِ اڄ پولنگ

اسلام آباد   (م ڊ) اليڪشن ڪميشن صدارتي چونڊن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي، نئين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے