23 آچر , سيپٽمبر 2018

قصو استاد رسول بخش پليجي سان ٿيل ڪجهه آخري ملاقاتن جو…

ذوالفقار راڄپر

7 جون 2018 جو ڏينهن سنڌ لاءِ ڪارو ڏينهن هو. ان ڏينهن سنڌ جو عاشق ۽ منهنجو سياسي استاد محترم رسول بخش پليجو جسماني طور اسان کان وڇڙي ويو.هتي مان استاد رسول بخش پليجي سان ٿيل آخري ڏينهن وارين ڪجهه ملاقاتن جو ذڪر ڪندس.

جڏهن گذريل اپريل جي بلڪل آخري تاريخن ۾ ڪراچي آيس ۽ ذوالفقار واهوچي سان ملاقات لاءِ روزاني عوامي آوازجي آفيس وڃڻ لاءِ واهوچو کي فون ڪئي ته هن چيو ته جلد اچ پليجو صاحب عوامي آواز اچي رهيو آهي، مان جلد اتي پهتس ته ڪجهه وقت کان پوءِ محترم رسول بخش پليجو صاحب به پنهنجي پراڻي ساٿي مير محمد بهليم ،  راحيل ڀٽو ۽ هڪ ٻي ساٿي سميت اچي پهتو.عوامي آواز جي انتظاميه طرفان پليجو صاحب جي ناساز طبيعت ڪري ان جي ويهڻ جو بندوبست پهريان هيٺ ڪيو ويو هو ۽ اتي ئي عوامي آواز ٽي وي جون ڪيميرائون به لڳايون ويون.پليجو صاحب جي پهچڻ بعد ڪجهه گهڙي ۾ عوامي آواز جو چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر جبار خٽڪ به اچي پهتو.جنهن فوري طور اداري جي هڪ ڪمري ۾ ويهڻ جو بندوبست ڪيو، جتي ريڪارڊنگ لاءِ ماحول بهتر هو.پليجو صاحب واهوچو کي چانهه پيئارڻ جي هجت ڪئي هئي، پر پوءِ اتي سنڌ جي ان عالمي سطح جي شخصيت جي اداري ۾ اچڻ تي ان سان ڳالهه ٻولهه ريڪارڊ ڪرڻ جو بندوبست به ڪيو ويو،ان ٽيم ۾ ڊاڪٽر جبار خٽڪ سان گڏ ذوالفقار واهوچو، زاهد ميراڻي،اسد ممتاز رڏ ، ابوالحسن ۽ ٻيا دوست به شامل هئا.ڊاڪٽر جبار خٽڪ جڏهن استاد رسول بخش پليجو کي ڳالهه ٻولهه شروع ڪرڻ لاءِ چيو ته پليجي صاحب کين مذاق ۾ چيو ته اول چانهه ۽ بسڪوٽ ته حاضر ڪيو. ڊاڪٽر صاحب فوري طور تي اهي گهرائي ورتا ۽ کيس پنهنجن هٿن سان بسڪوٽ چانهه ۾ ٻوڙي ڏيندو رهيو.ان کان پوءِ پليجي صاحب اٽڪل ڏيڍ ڪلاڪ جي مستقل سوالن جوابن جي ڳالهه ٻولهه ۾ عالمي، ملڪي سياست ۽ ٻين مسئلن تي ايئن ڳالهايو ڄڻ ته هو بيمار ئي ناهي، جڏهن ته پليجو صاحب جي طبيعت بهتر نه هئي ۽ کيس ڊاڪٽرن طرفان به گهڻو ڳالهائڻ تي پابندي هئي.پليجي صاحب اتي انگريزي ۽ سنڌي ۾ ڳالهائڻ سان گڏ هڪ اردو ۾ انقلابي گيت به ٻڌايو. پليجو صاحب جڏهن ان پروگرام مان موڪلائي هليو ويو ته ان کان پوءِ ڊاڪٽر جبار خٽڪ پليجي صاحب جي بلند حوصلي جي تعريف ڪندي چيو ته سنڌ جي يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ شاگردن ۽ نوجوانن کي هن وڏي ۽ عظيم اسڪالر ۽ سياسي اڳواڻ تي پي ايڇ ڊي ڪرڻ گهرجي.پليجي صاحب جو ڪنهن صحافتي اداري کي اسپتال ۾ آخري ڀيرو داخل ٿيڻ کان اڳ اهو آخري انٽريو هيو جيڪو عوامي آواز ٽي وي تي به موجود آهي، ۽ عوامي آواز جي سنڊي مئگزين ۾ به شايع ٿيل آهي، استاد پليجو صاحب جڏهن انتهائي گرمجوشي ۾ اسان کان موڪلايو هو ته هن اسان کي ملڻ ۽ ڪچهري ڪرڻ جي پڻ دعوت ڏني.

02 مئي تي شام جو مان ۽ ذوالفقار واهوچو عوامي آواز مان سڌو استاد رسول بخش پليجو صاحب جي هڪ عارضي گهر پهتاسين، جتي پليجو صاحب ٽي چار ڪلاڪ ويهاري ڪچهري به ڪئي، سندس ڀر ۾ انگريزي ڪتابن سان گڏ سنڌي جي تازي مزاحمتي شاعري جو ڪتاب به پيو هو.ان سڄي ڪچهري ۾ پليجو صاحب سياسي ۽ پنهنجي ذاتي زندگي ۾ ننڍپڻ کان وٺي ظلم ۽ غلط رسمن رواجن خلاف اختيار ڪيل مزاحمت ۽ جدوجهد بابت گهڻو ڪجهه ٻڌايو ۽ اسان کان به ڳالهرايو،پليجي صاحب ٻڌايو ته بنگلاديش کان وٺي افغانستان ۽ ٻين ملڪي ۽ عالمي مسئلن تي ذوالفقار ڀٽو، ملڪ جا حڪمران طبقا، ڌريون ۽ خود عوامي نيشنل پارٽي ۾ ويٺل ولي خان وارا سندس ڪيل ڳالهين ۽ ڏنل تجويزن تي عمل ڪن ها ته هن ملڪ جو هي حال نه ٿي ها. اسان ان ئي ملاقات ۾ ڪميونسٽ فلاسافي جي وڏي استاد ۽ مزدور اڳواڻ ڪارل مارڪس جي 05 مئي تي سالگره ملهائڻ جو پروگرام ڀينس ڪالوني ۾ جو پروگرام رٿيو، استاد پليجو صاحب چيو ته هو به ان ۾ شرڪت ڪندو..پر ان تاريخ تي پليجو صاحب بيمار ٿي پيو هو.ڊاڪٽرن جي منع باوجود ان ڏينهن به پليجو صاحب ڪافي وقت اسان کي ڏنو ۽ ڏاڍو هشاش بشاش ۽ خوش هو، اسان کي ماني به کارائي ۽ تاڪيد ڪئي ته ماني بعد ڀڄي  نه وڃجو..اسان اتي ئي هئاسين ته شاني سومرو پنهنجي بيگم زاهده گهنجو ۽ڌيءُ پرهه سومرو ۽ ٻين ڌيئرن سميت اچي پهتو ۽ پليجي صاحب کي مذاق ڪندي چيو ته اڄ هن جي شادي جي سالگره آهي ۽ اڄ نئين سر هنن جو نڪاح پليجو صاحب پڙهائي..ڏاڍي بهترين ۽ خوشي واري ماحول ۾ ڪچهري هلي رهي هئي، مريم گوپانگ ،ستار گوپانگ ، راول گوپانگ ۽ پليجو صاحب جي ڀيڻ حور پليجو ۽ ٻيا ساٿي به موجود هئا. ان موقعي تي جڏهن استاد پنهنجي ماءُ جون ڳالهيون ساريندي ٻڌايو ته هو ننڍپڻ ۾ ضدي هئڻ سان گڏ پنهنجي ماءُ کي ڪتاب به پڙهي ٻڌائيندو هو، جنهن جي تصديق حور پليجو ڪندي رهي.

ان ئي ڏينهن مان ساٿي حور پليجو کي چيو ته عالمي ۽ وڏي  سائنسي فڪري  فلسفي ۽ انقلابي حساب سان سنڌ جي ڪک وڏا ماڻهو پيدا ڪري نه سگهي آهي، سنڌ جي 20 ۽ 21صدي جي سنڌ خوشنصيب آهي جو ان پنهنجي سموري تاريخ ۾ صرف هڪڙو ئي وڏو عالمي ليول جو انقلابي استاد محترم رسول بخش پليجو پيدا ڪيو آهي ۽ استاد  عالمي سطح جو اسڪالر، ڏاهو، ڪارل مارڪس، لينن، اسٽالن ۽ ماوزي تنگ جو نئون جنم ۽ تسلسل آهي، پر شايد هن جي پارٽي جي وڏي اڪثريت ۽ خاندان کي هن جي شخصيت بابت ايترو ادراڪ نه آهي..ورنه هن جي ان عمر ۾ به ملڪي ۽ عالمي ليول ۽ ٻين مسئلن تي ٿيندڙ هر ڳالهه ۽ هر لفظ کي محفوظ ڪرڻ ۽ پارٽي ڪارڪنن سان سڌي گفتگو ڪرڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو سهارو ورتو وڃي ها ۽ سندس حياتي ۾ پليجو اڪيڊمي بار بار ڏنل تجويزن تي عمل ڪيو وڃي، هن جا لکيل ڪتاب اردو، انگريزي ۽ ٻين عالمي ٻولين ۾ ترجما ٿيڻ گهرجن، سندس هر اداري، عالمي يونيورسٽين ۾ ڏنل ليڪچر گڏ ڪري محفوظ ڪيا وڃن ۽ جيڪڏهن ڪراچي يا حيدرآباد ۾ باقاعدي هڪ اداري جي صورت ۾ پليجو ريسرچ اڪيڊمي هجي ها ته پليجو صاحب تي پي ايڇ ڊي ڪندڙ کي ڪابه تڪليف نه ٿي ها. مان حور پليجو کي اهو به چيو ته سندس خاندان جو اهو وڏو ڪارنامو آهي ته هو هن جي صحت ۽ ٻين مسئلن جي لڳاتار سنڀال ڪري رهيو آهي، پر ان سان گڏ وڏو ۽ اهم ڪم اهو به آهي ته استاد جي حياتي ۾ ئي هن جي فڪر جي ڦهلاءَ لاءِ پارٽي ۽ سندس خاندان هنگامي اپاءَ وٺي ها ۽ جيڪڏهن پليجو اڪيڊمي کي وڏي ۽ ريسرچ سينٽر ليول تي قائم ڪرڻ لاءِ ڪو پيسي جو جواز پيش ڪري ٿو ته اها ايمانداري جي ڳالهه نه پر اسان سڀني جي نااهلي واري ڳالهه ثابت ٿيندي. مان حور پليجو کي  چيو ته هوءَ اڄ کان ئي هو ان ڪم جي ڪوشش ڪري ۽ پنهنجي ڀاءُ سميت خاندان ۽ پارٽي جي خوشحال ترين ماڻهن سان رابطو ڪري..الائي ڇو مان کي اهو خدشو هو ته استاد پليجو صاحب جي زندگي ۾ اهو سڀ ڪجهه نه ٿي سگهندو..پر استاد جي طرفان سنڌ جي 5، 6 هزارن جي تاريخ ۾ سنڌ کي ڏنل واحد انقلابي ۽ وطن دوست پارٽي مان ئي اها اميد آهي ته هو پنهنجن وسيلن جي کوٽ باوجود هن جي فڪر جي جهنڊي کي بلند رکڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي.استاد پليجو صاحب جي ان ڀيڻ سميت خاندان جي ڪجهه ٻين فردن ۾ اهو احساس موجود آهي ان لاءِ اهي فڪر پليجو جي جهنڊي کي وڌيڪ اوچو رکڻ لاءِ پنهنجون غير معمولي قوتون صرف ڪندا.گذريل هفتي کان استاد رسول بخش پليجو صاحب ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪلفٽن ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ داخل هو

پليجو صاحب پاڻي ۽ ٻين بنيادي انساني گهرجن وارين سهولتن کان محروم هڪ بنجر نما ننڍڙي ڳوٺ جنگشاهي ۾ پيدا ٿيو ۽ ان برپٽ مان ڪراچي شهر ۾ به نپيو ۽ پڙهيو به هو ان ڪري سندس ٻيو اباڻو شهر ڪراچي شهر هو، جنهن قابض شهر تي ڌرتي ڌڻين جي واپسي لاءِ پليجي صاحب جيڪا جدوجهد ۽ حڪمت عملي اپنائي هئي ۽ لکين سنڌين جا قافلا وٺي ڪراچي شهر ۾ اهو آواز بلند ڪيو هو ته ” ڪراچي ڪنهنجي ..سنڌين جي..“ اڄ جيڪي لکين سنڌي هن شهر ۾ مالڪي ڪرڻ جي حالت ۾ پهچي رهيا آهن ۽ سنڌ جو نوجوان ۽ سنڌي سياسي تنظيمون ۽ سنڌي صحافتي ادار پنهنجي موجودگي ظاهر ڪن ٿا انهن سڀني وائڙن ۽ غير سنجيده سنڌين کي ڪراچي شهر جي مالڪي لاءِ ظاهر ۽ ڳجهي جنگ جي خبر نه آهي..پليجو صاحب هر دفعي اسان کان اها گهرج ڪندو رهيو ته کيس شهر جي سنڌي آبادين ۾ وٺي هلو ۽ هو بنا خوف ۽ خطري جي لياري کان وٺي جمع ڳوٺ، گلشن اقبال، گلستان جوهر، ناظم آباد، ڪلفٽن ۽ ڊفينس تائين هر ڪنڊ ۽ رستي تي پنهنجا قدم ۽ فڪر جا نشان ڇڏيندو رهيو،

استاد پليجو اڪثر بيماري جي حالت ۾ پنهنجي تاريخي شهر ڪراچي ۾ اسپتالن ۾ داخل يا گهر ۾ علاج ڪرائيندو رهيو ، آخري وقت ۾ هو ڪلفٽن جي نجي اسپتال ۾ داخل هو

مان پنهنجي مضمون جي پڇاڙي سنڌياڻي تحريڪ جي ساٿياڻي ۽ پليجو صاحب سان شديد محبت ڪندڙ ۽ پليجو يونيورسٽي جي شاگردياڻي پرهه سومرو جي هنن لفظن سان ڪيان ٿو ته ”رسول بخش پليجو صاحب کي هينئر اسپتال ۾ ڏسي آياسين. سندس ڪجهھ ڏينهن کان طبيعت ناساز رھندي ٿي اچي.ھونءَ به ڪيترا ئي دفعا جڏھن به پليجو صاحب جي طبيعب ناساز ٿيندي هئي ته اسپتال ۾ سندن ملاقات جو موقعو ملندو هو ۽ ڪچھريون به خوب ٿينديون هيون تان جو ملاقات جو وقت به پورو ٿي ويندو هو پر اسين ڪچهرين ۾ مَحو لڳا پيا هوندا هئاسون ۽ آخر ۾ وري هڪ خوشگوار طبيعت ساڻ الوداع ڪندي اڳئين ملاقات جا واعدا ڪندي نڪري ايندا هئاسين.

پر آخري ملاقات سَکڻي ٿي،حال احوال پڇڻ تي موٽ به نه ملي، هيڏانهن کان هوڏانهن نيهاريو پئي،هڪٻئي کي آٿتون ڏنيون سين، مڃون ٿا بھادر آھيون،بھادر اڳواڻ جا سپاھي آھيون،پٿريلن رستن جا راھي به آھيون پر پوءِ به نرم دل رکندڙ انسان آھيون، حساس جذبا رکندڙ آھيون ۽ احساسن جي مالا ۾ پويل به آھيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

”املهه موتين“ جهڙي گهڻ صلاحيتي ۽ گهڻ پاسائين شخصيت ”شبنم موتي“:سڪينه امام

شبنم موتي اصولي طور تي ڪنهن تعارف جي محتاج ناهي، سنڌ جو ساڃاهه وند ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے