22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

قلم جو سفر

سوغات سومرو

اڄ قلم يا پين جا ڪيترائي قسم آهن پر اهو قلم هڪ تمام ڊگهو ۽ اڙانگو سفر ڪري هن شڪل و صورت ۾ پهتو آهي اهڙا ثبوت مليا آهن جنهن جي بنياد تي اهو مڃيو ٿو وڃي ته ابتدائي دور ۾ انسان جون هٿ آڱريون ئي هن جو قلم هيون ، انسان پنهنجي هٿ جي آڱرين کي ڪڏهن وڻن جي ڇوڏن جي رنگ ۾ رڱي  لکيو آهي يا ان  سان شڪليون، گل ڦل، نقش ڪڍيا آهن ته ڪڏهن  وري جانورن يا پکين جي رت ۾ آڱريون ٻوڙي ان سان انگ ، اکر  ليڪون ۽ منظر ۽  نظارن کي چٽڻ جي ڪوشش  ڪئي آهي. اهڙن آڳاٽن وقتن جي نقش نگارن،ليڪن،  گل ڦل  جي جوڙيل ٺاهيل  شڪلن صورتن يا وڻن ٻوٽن، پکين ۽ جانورن جي صورتن کي چٽڻ جا نمونا پراڻين غارن کوهن ۽ پهاڙن ۾ محفوظ  آهن.

ان کانپوءِ  انسان پٿرن ۽ آلي  يا ڀڳل  مٽيءَ تي لکڻ جي ڪوشش ڪئي، ان دوران هن چن کي پڻ استعمال ڪيو، چين جي رهواسين اٺ  جي وارن مان برش ٺاهيا ۽ ان سان هڪ هڪ لفظ  لکڻ جي ڪوشش ڪئي. ماهرن جو چوڻ آهي ته  سڀني کان پهرين شايد مصر جي ماڻهن ئي قلم ايجاد ڪيو هو. هن ٽامي جي هڪ لٺ، لڪڻ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان جو اندر کوکلو ويا پورو رکيو

جيئن ان ۾ مس / رنگ کڄي سگهي. جڏهن ته پهرين باقاعده  لکڻي اڄ  کان چار هزار ورهيه الڳ يونانين جي ٻڌائي  وڃي ٿي. يونانين، ڌاتو، هڏين ۽ هاٿي جي ڏندن مان قلم ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ اهي جن تختين تي لکندا هئا ان تي ميڻ  لڳايو ويندو هو.

انهيءَ  تسلسل ۾ قلم جو سفر اڳتي وڌي ٿو ۽ انسان هاڻي ڪانن،  سرن ۽ ٻين ٻوٽن جي ڏانڊين کي قلم طور استعمال  ڪري ٿو، تجربي  سان معلوم ٿئي ٿو ته جن ڏانڊين جي اندر پور  هوندو آهي اهي مس کي کڻڻ جي صلاحيت رکن ٿا. چيو ٿو وڃي ته ڪاغذن جي ايجاد کان اڳ وڻن جي پنن تي لکيو ويندو هو. جنهن لاءِ به انسان ڪيترائي  تجربا ڪيا ان دوران  ئي  هڪ گاهه ” پاپاڻي رس“جا پن اهڙا هوندا هئا جو ان تي لکڻ آسان يا سولو هوندو هو. . اهو ” پاپائي رس“  لفظ ئي اڳتي هلي، ”پيپر“ بڻيو،  جنهن کي اڄ  اسان انهيءَ  معنيٰ ۾ ڪتب آڻيون ٿا.

ڪاغذ  ايجاد ٿيڻ کانپوءِ قلم جي شڪل صورت پڻ بدلجڻ لڳي ۽  هاڻي  انسان  ٿلهن نوڪن وارن قلمن بجاءِ  نسبتن ننڍي نوڪ جي قلم کي استعمال ڪرڻ جي  ڪوشش ڪئي ته ان لاءِ پکين جا کنڀ وڌيڪ موزوز نظر آيا. اها به دلچسپ  ڳالهه آهي جو انگريز ي ۾ مروج  ٿيل لفظ پين (pen) در اصل لاطيني ٻولي جي ” پينا“ مان نڪتل آهي ۽ ” پينا“ جو مطلب آهي پکين جو پر.

پکين جي پرن جو قلم طور استعمال هزارين سالن کان هلندڙ آهي. موجوده  قلم اٽڪل ٻه سئو ورهيه اڳ 1780ع ۾ انگلينڊ ۾ ٺهيو. جنهن کي عوامي مقبوليت ۾ اٽڪل چاليهارو  کن سال لڳي ويا.پهريون باقاعده فائونٽين قلم (جنهن جي هڪ باقاعده نب هوندي آهي)  ان جي اٽڪل  هڪ سئو ورهيه بعد يعني 1880ع ۾ آمريڪا ۾ ايجاد ٿيو. انهن قلمن جا نب سون جا ٺهيل هوندا هئا. جنهن ڪري اهي ڪاغذ تي رواني سان هلي سگهندو هو. اهو قلم ڌاتو جو هئڻ  باوجود ڪاغذ تي مس کي ڪيرائيندو يا پسرائيندو نه هو. ان جي اندر هڪ نلي ۾ مس يا سياهي ڀريل هوندي هئي. جنهن ڪري ان کي قلم سڏيو ويو. ”گولي وارو قلم “ يا بلور  وارو قلم“ يا بال پوائنٽ وارو قلم گذريل صدي يعني 20  هين صديءَ جي ايجاد آهي. ان جي نب ۾ صفا ننڍڙي يعني هڪ ملي  ميٽر جي گهيري جيتري گولائي نما ” بال“  فولاد مان ٺهيل هوندو آهي. مس ان جي آسپاس  ان کي لڳندي آهي ۽ لکڻ جي عمل دوران گولي جي ڦرڻ سان مس ٻاهر پني تي چٽجي ويندي آهي. ان ۾ هڪ  هلڪي نلڪي هوندي آهي. جنهن ۾ مس کي محفوظ  رکيو ويندو آهي.

قلم جي سفر جي ابتدا اٽڪل 1500 ورهيه قبل مسيح ۾ ٿي هئي يعني اڄ  کان ساڍا ٽي هزار ورهيه اڳ. مصر جي ماڻهن ” ڀائيپرس“ جي تختين تي لکڻ جي ڪوشش دوران بانس جي سنهين نلڪين کي گهڙي  استعمال ڪيو. ڪتابت ۾ اڄ پڻ اهڙين نلڪين کي ڪتب آندو وڃي ٿو. انهيءَ قلم ۽ ان ئي ڪاغذ تي لکيل علم جو ذخيرو اڄ  دنيا جي عجائب گهرن ۾ محفوظ آهي.

جديد قلم جي تاريخ در اصل رومن دور کان شروع ٿئي ٿي. جڏهن رومي بادشاهن کي مذهبي حڪمن ۽ دستاويزن جي لاءِ اهي مختلف هنڌن تي لکرائي  ئي موڪلڻا پيا.اڻ ڳڻيا ڪاتب جڏهن لکڻ جي لاءِ اهڙي ڪم ۾ جنبي ويا ۽  بادشاهن جي حڪم تي اهو عمل تيز ٿيو ته قلم کٽي پيا ۽ تڪڙن بنيادن تي قلم کي ٺاهڻ  جي لاءِ وري راج هنس  (هڪ پاڻي جي پکي )جي پک مان قلم کي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. اوهان پراڻين تصويرن ۾ اهڙي قسم جا پر يا کنڀ ڏسي سگهو ٿا. جيئن ته اهي پر اندران ڀورا هوندا آهن ۽  انهن ۾ مس پڻ کڄي سگهندي آهي. اڄوڪو بال پوائنٽ  قلم ان جي جديد شڪل آهي. اهي قلم 400 عيسوي کان  1830 عيسوي تائين وڏي اهميت رکندڙ هئا. راج هنس جي پرن واري قلم ۾ مس جو مقدار گهٽ کجي  سگهندو هو ۽ گهڙي گهڙي ان کي مس ۾ ٻوڙڻو يا ان ۾ مس ڀرڻي پوندي هئي ۽  ان جا سرا به هموار ۽ تيز لکڻ جي قابل نه هوندا هئا. تنهن ڪري انهن کي اڃا به وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ نيٺ 19- هين صديءَ  ۾ ان ۾ ڪاميابي حاصل ٿي.

سن 1820ع ۾ برمنگهم (انگلينڊ)  جي ماهرن هڪ اهڙو قلم بڻائڻ  ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. جيڪو گهٽ ملهه  وارو هو ۽ ان کي وڏي تعداد ۾ تيار به ڪري سگهبو هو ۽ انهن جي نب ڊگهي عرصي تائين واپرائڻ لاءِ پڻ  موزون هئي. انهيءَ  مقصد جي لاءِ هڪ سنهي چادر استعمال ڪئي وئي. جنهن  سان ان جي شڪل ۽  صورت به بهتر ٿي وئي.

1850ع ۾ پرن / کنڀن وارن قلمن جو رواج ذري گهٽ صفا ختم ٿي ويو ۽ ان جي جاءِ فولادي نب وارن قلمن والاري ورتي. انهيءَ  نب کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ ” اريڊيم“ ۽ اهڙا ٻيا ڌاتو استعمال ۾ اچڻ لڳا.  جيڪي اڄ  به استعمال ٿين ٿا. فائونٽين پين يعني جنهن ۾ مس ڀري وڃي ٿي. اها  18 هي ۽ 19 هين صدين ۾ وجود ۾ آئي. انهيءَ ۾ مس ٻن ڊراپر  (Droper) سان ڀري ويندي هئي. 1912ع ۾ هاڻوڪو مس ڀرڻ  وارو قلم ٺهيو ۽ استعمال  هيٺ آيو. ان کي ٺاهڻ وارو آمريڪا جو ” ايل اي واٽرمين“ هو. انهيءَ صدي جي شروعاتي 50  ورهين دوران اڃا پڻ ڦيرڦار ٿيو. ان کان پوءِ  ڪيترائي قيمتي قسم جا قلم پڻ ٺاهيا  ويا پر اهي  محدود هئا. ان دوران سون ۽ چاندي بي پاڻي چاڙهيل نبن وارا قلم پڻ ٺاهيا ويا. فائونٽين قلم ٺهي مارڪيٽ ۾ آيو پر ان جو وڪرو صفا گهٽ هو. ڇاڪاڻ جو بال پوائنٽ  مقبول ٿي ويو هو.

فائونٽين يعني نب واري قلم کي ٻين عالمي جنگ ۾ پڻ آزمايو ويو پر فوجي  مقصدن لاءِ اڃان  به بهتر قلم جي ضرورت محسوس ٿي. فائونٽين پين جي نب سان مسئلو هي هو ته ان جي مس ختم ٿيڻ جي ڪري ان کي بار بار ڀرڻو پوندو هو. ان جي ڪري ڀرڻ، نب ٽٽڻ ، ناڪاره  ٿيڻ جو انديشو به رهندو هو. تنهن ڪري سوچيو ويو ته اهڙو ڪو قلم بڻايو  وڃي جيڪو  انهن خامين کان آجو هجي، پوءِ ان سلسلي ۾ ڪافي ڪوشش  هلي، هوڏانهن  سن 1888ع کان ئي  ” جي جي لائوڊ“ نالي همراهه ان ڏس ۾ ڪم شروع ڇڏيو هو. نيٺ 1938ع ۾ هنگري  جي ٻن ڀائرن“  لارج سلائو ۽ جارج پيروءَ  “  گولي قلم  يا بال پوائنٽ  کي تيار ڪري ورتو . 1944ع  ۾ عالمي جنگ ختم ٿيڻ  کانپوءِ اهي ٻئي ڀائر ارجنٽينا (ڏکڻ آمريڪا)  هليا ويا.  جتي هنن پنهنجي ايجاد ڪيل قلم کي وڌيڪ بهتر بڻائي ورتو. خاص ڪري ان حصي کي جتي مس وهي بال کي لڳي ٿي، مس ڀرڻ ۽ ان کي محفوظ ڪرڻ جي طريقن کي بهتر بڻائي ورتو. ان کانپوءِ ان قلم جي تجارتي بنيادن تي وڏي پئمناني تي پيدا وار شروع ٿي. بهرحال  فائونٽين پين جي  اهميت پڻ گهٽ نه آهي.اڄڪلهه بال پوائنٽ ۽ فائونٽين پين گڏيل طور  استعمال ٿي رهيون آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنيهو سچ جو منور علي منور ڪيهر جي شاعريءَ جي ڪتاب جو تعارف:ايل بي سولنگي

منور علي منور ڪيهر جو تعلق لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ آگاڻيءَ سان آهي. آگاڻي جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے