21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نيوز: مديجي: ايم ڊبليو ايم پاران يوم القدس جي حوالي سان احتجاجي ريلي

Madeji: protest rally by MWM.مديجي ۾ ايم ڊبليو ايم پاران يوم القدس جي حوالي سان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

مولانا عبدالله مطهري، جاويد ميراڻي ۽ سيد وسيم عباس سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ مرڪزي امام بارگاهه کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي اسرائيل خلاف نعريبازي ڪئي وئي.

اڳواڻن جو چوڻ هو ته بيت المقدس کي اسرائيل جي گادي جو هنڌ ڪرڻ ۽ آمريڪا جو سفارتخانو منتقل ڪرڻ جي هو مذمت ڪن ٿا.

هنن چيو ته فسطينين پرامن احتجاج تي اسرائيلي فوج حملو ڪري سوين مسلمان شهيد ڪيا ۽ هزارين زخمي ڪيا، جنهن جي هو مذمت ڪن ٿا.

اڳواڻن گڏيل قومن ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ڪئي ته فلسطين معاملي تي پنهنجو ڪردار ڪري اسرائيلي ظلم بند ڪرائين…………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

FlagMarch, Jamshoro

نيوز | ڄامشورو: محرام الحرام ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فليگ مارچ

ڄامشوري ۾ محرام الحرام ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فليگ مارچ ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے