24 سومر , سيپٽمبر 2018

رپورٽ: لاکاروڊ : مختلف شهرن ڏانهن ويندڙ روڊ هنڌان هنڌان ٽٽل، ٺيڪيدار پٿر وڇائي گم

Lakharoad: Road is wrecked from place to place

2018 جون عام چونڊون مٿان اچي ويون آهن پر سنڌ واسي بنيادي سهولتن کان محروم هجڻ سميت ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار آهن.

عوام پاڻي کوٽ، بجلي جي لوڊشيڊنگ، مهانگائي ۽ بيروزگاري سميت ڪيتريون ئي تڪليفون ڀوڳي رهيو آهي جڏهن ته مختلف شهرن جا روڊ رستا پڻ هنڌان هنڌان ٽٽل آهن.

پي ايس 34 جي شهر لاکاروڊ کي به مڪمل طور نظرانداز ڪيو ويو آهي، ٺيڪيدار 10 سالن کان پٿر اڇلائي گم ٿي ويو آهي، جنهن سبب رهواسي سخت پريشانين جو شڪار آهن.

عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي رهواسين جو چوڻ هو ته ٺيڪيدار 10 سالن کان روڊ تي پٿر وڇائي گم ٿي ويو آهي جنهن سبب هو سخت پريشانين جو شڪار آهن……ايس او ٽي

رهواسين جو چوڻ هو ته محرابپور، هالاڻي، پڪا چانگ سميت مختلف ڳوٺن هوت خان جلباڻي، سلطان آرائين، ستار ڏنو مڱريو، رسول بخش  ڏاهري ۽ ٻين ڳوٺن جا روڊ ٽٽل آهن جن کي 10 سالن کان مرمت ناهي ٿي سگهي.

رهواسين جو چوڻ هو ته 10 سالن کان مختلف هنڌن تي پٿر وڇايل هجڻ ڪري علائقي واسين ٻٽي عذاب جو شڪار آهن.

شهرين وس وارن کان اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي روڊ جو ڪم جلد مڪمل ڪرائي کين تڪليف کان بچايو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Tandobagho: Drought conditions increased

نيوز : ٽنڊو باگو : ڏڪار مٿاثر ٿري ماروئڙا ٽنڊي باگي پهتا، پاڻي کوٽ سبب پريشان

*ٿر ۾ آيل ڪاري ڏڪار سبب مسڪين ماروئڙا پنهنجا اباڻا اجها خالي ڪري ٽنڊي باگي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے