23 آچر , سيپٽمبر 2018

جيڪڏهن ملاقات خوشگوار رهي ته اتر ڪوريا جي سربراهه کي آمريڪا جي دوري جي دعوت ڏيندس:ٽرمپ

If the meeting was pleasant, I would invite North Korea's head to visit the United States: Trumppواشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته جيڪڏهن هن جي اتر ڪوريا جي سربراهه ڪِم جونگ سان ڄاڻايل ملاقات خوشگوار رهي ته هو کيس آمريڪا جي دوري جي دعوت ڏئي سگهي ٿو. واشنگٽن ڊي سي ۾ جاپان جي وزير اعظم شنزو ايبي سان گڏيل پريس ڪانفرنس دورا آمريڪي صدر چيو ته هو اتر ڪوريا جي سربراهه سان دوستاڻين ڳالهين لاءِ وڃي رهيو آهي، ان لاءِ اتر ڪوريا جي حوالي سان”وڌيڪ دٻاءُ“ واريون اصطلاح استعمال نٿو ڪري سگهان. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ڪم جونگ سان سنگاپور ۾ رٿيل ملاقات ۾ معاهدو جو امڪان موجود آهي ۽ ڪوريائي جنگ جي خاتمي  لاءِ ڪو معاهدو پڻ ممڪن آهي، جيڪڏهن ملاقات بهتر رهي ته هو ڪم جونگ کي آمريڪا جي دوري جي دعوت پڻ ڏئي سگهي ٿو. ياد رهي ته هلندڙ مهيني سنگاپور ۾ ڊونلڊ  ۽ ڪِم جونگ وچ ۾ ملاقات جو اعلان ڪيو ويو هو، اها ملاقات ٻنهي ملڪن جي سربراهن پهرين باظابطه ملاقات هوندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شام ۾ داعش سان تعلق هئڻ جي شڪ ۾ برطانوي ڊاڪٽر گرفتار

دمشق ( ويب ڊيسڪ ) شام ۾ شدت پسند تنظيم داعش سان واسطو رکڻ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے