23 آچر , سيپٽمبر 2018

ڪو به پاڪستاني آرٽيڪل 62 ۽ 63 تي پورو نه ٿو لهي: اچڪزئي

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) پشتونخوا ملي عوامي پارٽيءَ جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته ڪو به پاڪستاني آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 تي پورو نه ٿو لهي. ڪوئيٽا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي محمود خان اچڪزئي چيو ته تڪ بنديون برابري جي بنياد تي هئڻ گهرجن ها پر بلوچستان جي ڪجهه تڪن ۾ پشتونن جي واضح اڪثريت گهٽ ڏيکاري وئي آهي، ڪوئيٽا جون صوبائي تڪبنديون به غير منصاڻيون ڪيون ويون آهن، موسيٰ خيل ۽ شيراني جي تڪبنديون خلاف اسان پارتي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ وئي پر اليڪشن ڪميشن عدالتي حڪم نه مڃا، اسان خلاف اهو سڀ ڪجهه ڄاڻي ٻجهي ڪيو پيو وڃي.سندس چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن جي طئي ٿيل فارمولي تحت تڪبنديون ڪيون وڃن، هاءِ ڪورت اسان جي حق ۾ فيصلو ڪيو پر اليڪشن ڪميشن عملدرآمد نه ڪيو. هن چيو ته عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي اليڪشن ڪميشن خلاف عدالت ۾ وينداسين. سندس چوڻ هو ته گذريل دورن ۾ به پشتون علائقن سان زيادتي ڪئي وئي، جيڪڏهن ساڳيو ئي طرز عمل رهيو ته اسان کي به سوچڻو پوندو ته هن صوبي ۾ رهڻو آهي يا نه رهڻو آهي. محمود خان اچڪزئي چيو ته پاڪستان هڪ جمهوري ۽ آئيني وفاق بڻجڻ گهرجي، پارليامينٽ طاقت جو سرچشمو هئڻ گهرجي، ملڪي اندورني ۽ پرڏيهي پاليسي پارليامينٽ مان ٺهڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان کي آئين تحت هلايو وڃي ته قيامت تائين قائم رهندو، 3 ڀيرا وزيراعظم ٿيندڙ نواز شريف جهڙو ملڪ ۾ ڪو به ليڊر ناهي، آرٽيڪل 62 ۽ 63 تي ڪو به پاڪستاني پورو نه ٿو لهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے