23 آچر , سيپٽمبر 2018

باليووڊ جو  سينيئر اداڪار سنجي مشرا ڀاڙي جي گهر ۾ رهڻ تي مجبور

ممبئي(شوبز نيوز) پنهنجي جاندار  اداڪاري سان باليووڊ ۾ الڳ سڃاڻپ ٺاهيندڙ اداڪار سنجي مشرا 100 کان وڌيڪ فلمن ۾ ڪم ڪرڻ باوجود ڀاڙي جي گهر ۾ رهڻ تي مجبور. بلاڪ بسٽر مزاحيه فلمن گول مال سريز ڌمال ۽ دلي والي سميت 100 کان وڌيڪ فلمن ۾ پنهنجي ادڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ اداڪار سنجي مشرا باليووڊ فلم انڊسٽري ۾ پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ ٺاهي آهي. پر اڄ ڪلهه اهو پڻ نهايت ڪسمپرسي واري حالت ۾ حياتي گهاري رهيوآ هي. سنجي مشرا هڪ انٽرويو ۾ چيو ته هو 20 ورهين کان باليووڊ ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، پر ان باوجود اڄ تائين هو ڀاڙي جي گهر ۾ رهڻ تي مجبور آهي ۽ هن وٽ ايتري رقم به ناهي جو هو پنهنجو ذاتي گهر خريد ڪري سگهي. سنجي مشرا باليووڊ جي سپورٽنگ اداڪارن سان ٿيندڙ ناانصافي تان پردو هٽائيندي چيو آهي ته گذريل ڪجهه عرصي کان سپورٽنگ اداڪارن جي فيس ۾ ڪجهه اضافو ٿيو پر اڃان اسان کي ملندڙ معاضو ايترو ناهي جو ان ۾ بهتر نموني گذارو ڪري سگهجي. سنجي مشرا ان صورتحال جو ذميوار مرڪزي ادڪارن کي قرار ڏيندي چيو ته جڏهن توهان فلم هيرو هوندا آهيو ته توهان تي سيڙپڪاري ڪئي ويندي ۽ پيسو لڳايو ويندو آهي، پروڊڪشن ٽيم جو رويو پڻ وڏن ادڪارن سان مختلف هوندو آهي، جڏهن سپورٽنگ رول ادا ڪندڙ اداڪارن کي چيو ويندو آهي ته توهان جي سبب فلم وڪرو ٿي رهي آهي ته پر وڌيڪ وڏو سبب فلم جو هيرو آهي. تمام گهٽ ماڻهن کي اها ڄاڻ هوندي ته تعليم يافته سنجي مشرا جي حياتي ۾ هڪ وقت اهڙو به آيو هو جڏهن هن اداڪاري کي الوداع چئي ڇڏيو هو  ۽ ننڍڙي ڍاٻي تي نوڪري ڪرڻ لڳو هو، سنجي مشرا 100 کان وڌيڪ فلمن ۾ اداڪاري جا جوهري ڏيکاري چڪو آهي هو هڪ ئي وقت مزاحيه توڙي سنيجدا ڪردار ادا ڪرڻ ۾ مهارت رکي ٿو. پر ان باوجود هو ڪاميابي حاصل ڪرڻ ناڪام رهيو آهي جنهن جو هو حقدار آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Pakistani movie Cake being considered for Oscars awards nomination

پاڪستاني فلم” ڪيڪ“ آسڪر ايواردد لاءِ نامزد

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني فلم ”ڪيڪ“ کي دنيا جي سڀ کان وڏي فلمي ايوارڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے