19 اربع , سيپٽمبر 2018

رپورٽ: برک سياستدان رسول بخش پليجو مٽي ماءُ حوالي

Karachi: Famous Politician and great author Rasool bux palijo burried in his ancestral town* برک سياستدان ، ناليواري اديب ، عظيم ڏاهي ۽ جاکوڙي ڪردار رسول بخش پليجو کي سنڌ ڌرتي پنهنجي هنجهه ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

رسول بخش پليجو ڦڦڙن جي بيماري سبب  ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ داخل هو ۽ ڪالهه صبح جو سنڌ واسين کي جي جهوريندڙ خبر ملي ته سنڌ جو مهان ڏاهو هاڻي هن دنيا ۾ نه رهيو آهي.

مزاحمتي ڪردارجي لاڏاڻي جي خبر ڪاري کان ماٿيلي تائين جهنگل جي باهه جيان پکڙجي وئي ۽ اربين ورهيه آڳاٽي ڪارونجهر جون فضائون سوڳوار بڻجي ماتم ڪرڻ لڳيون.

رسول بخش پيلجو جو مڙهه سنڌ جي تختگاهه واري شهر کان سنڌ جي اڳوڻي تختگاهه ٺٽي ضلعي جي ڳوٺ منگهر پليجو نيو ويو جتي هزارين سنڌ واسي پنهنجي محبوب اڳواڻ جو آخري ديدار ڪرڻ لاءِ لڇندا ۽ تڙپندا رهيا .

اڄ صبح جو  هزارين سنڌ واسين مهان ڏاهي کي پنهنجي امڙ جي هنجه ۾ سمهاريو ، سنڌ جون  نياڻيون  به ڪلهي ڪانڌي ٿيون .

ان موقعي تي ڪارڪنن توڙي عام سنڌين جي مرجهايل چهرن کي ڏسي ائين محسوس ٿي رهيو هئو جيئن  کانئن سندن گهر جو ڀاٿي وڇڙي ويو هجي.

رسول بخش پليجو سموري زندگي مسڪين ماڻهن جي اذيتن جي خلاف جدوجهد ڪندي گذاري هن ڪڏهن به ڪنڌ نه جهڪايو پر سندس ڳاٽ سدائين ڪارونجهر جيا اوچو رهيو

رسول بخش پليجي جي جون خدمتون سنڌ ڪڏهن به وساري نٿي سگهي هن ڪروڙين سال آڳاٽي تاريخي سنڌو درياهه جون موجون ۽ مستيون ، حشمتون ۽ ڇوليون برقرار رکڻ لاءِ تاريخي ڪرادار ادا ڪيو هن ڪالاباغ ڊيم واري تڪراري منصوبي  اڳيان بند ٻڌي ڏيکاريو.

عظمت جو اهڃان ڪوٺجندڙ رسول بخش پليجو سدائين ڪڙمين ۽ پورهيت جو هامي ۽ مددگار رهيو هن سدائين مسڪين ڪڙمين تي ظلم ڪندڙ استحصالي طبقي کي للڪاريندو رهيو .

سنڌ اندر جدوجهد جي علامت بڻيل رسول بخش پليجو جهڙي لافاني ڪردار تي جيتوڻيڪ سموري سنڌ سوڳوار آهي پر اهڙين عظيم شخصيتن جو فڪر سدائين قومن جي رهنمائي ڪندو رهندو ………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے