23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيب ريفرنس: شاهدين مان ثابت ڪيو ته لنڊن فليٽس نواز شريف جا آهن: نيب پراسيڪيوٽر

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) شريف خاندان خلاف ايون فيلڊ ريفرنس ۾ ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرلنيب آخري دليلن دوران چيو ته شاهدين ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته لنڊن فليٽس جو مالڪ نواز شريف آهي، جڏهن ته قطري وارو دفاع به سندس پنهنجو آهي جنهن کي غلط ثابت ڪري چڪا آهيون. احتساب عدالت جي جج محمد بشير نيب طرفان داخل ڪيل ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي. ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل نيب سردار مظفر عباسي چوٿين ڏينهن به دليلن دوران چيو ته رڪارڊ تي ناهي ته اختر رياض راجا يا واجد ضياءَ جي نواز شريف سان دشمني هجي ۽ ٻنهي جو رشتو هئڻ ڪو مسئلو ناهي. ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل نيب چيو ته نواز شريف جي لنڊن فليٽس جي اصل مالڪ هئڻ جون سڌيون شاهديون پيش ڪري ڇڏيون آهن جڏهن ته قطري وارو دفاع به سندس پنهنجو آهي جنهن کي اسان غلط ثابت ڪري چڪا آهيون، هيءَ ملڪيت انهن جي آهي، اسان شاهدين مان ثابت ڪيو. سردار مظفر عباسي چيو ته ثابت ڪري چڪا آهيون ته پراپرٽي 1993ع کان انهن جي آهي، هي لنڊن فليٽس جي ملڪيت کان انڪاري به نه آهن، فرد جرم موجب اسان پنهنجي ذميواري پوري ڪئي آهي، شاهدين جو بار مٿن هو ته هو وضاحت ڪن ٿا پر هو ڪا شاهدي نه ڏئي سگهيا. هن چيو ته مريم نواز ٽرسٽ ڊيڊ اصل ٻڌائي جي آءِ ٽي ۾ ڏني جڏهن ته ريڊلي جي رپورٽ ۾ ان کي جڙتو ۽ هٿ ٺوڪيو قرار ڏنو ويو جڏهن ته جوابدارن عدلات ۾ ڪابه ٽرسٽ ڊيڊ ئي پيش نه ڪئي. ڊپٽي پراسيڪيوٽر نيب چيو ته نواز شريف جي وزيراعظم طور قوم کي خطاب ۾ چيو هو ته ڪرپشن ذريعي ملڪيت ٺاهيندڙ ملڪيت پنهنجي نالي نه رکندو آهي سندس اهو بيان شاهدي طور فريادي ڌر طرفان عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. سردر مظفر عباسي چيو ته اسان جو ڪيس به اهو ئي آهي ته نواز شريف پنهنجي ٻارن جي نالي ملڪيت ٺاهي، پبلڪ آفيس هولڊر ڪرپشن جي پئسي سان ملڪيت ٺاهيندو آهي ته پنهنجي نالي تي نه رکندو آهي. هن چيو ته رپورٽ موجب ڪيلبري فونٽ 2007ع کان پهريون ڪمرشل استعمال لاءِ دستياب نه هئا ۽ ريڊلي جي رپورٽ موجب دستاويزن ۾ جعلسازي ڏٺي وئي آهي. سردار مظفر عباسي چيو ته ريڊلي جي بيان ۽ رپورٽ کانپوءِ جوابدارن ڪنهن ماهر کي شاهد طور پيش نه ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گورنر هائوس عوام جي ملڪيت آهي، عمران خان واعدو پورو ڪيو: چوڌري سرور

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي گورنر چوڌري سرور چيو آهي ته پنجاب جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے