22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

ٽي 20 رينڪنگ: پاڪستان جي نمبر ون پوزيشن خطري ۾

T20 Ranking: In Pakistan's No. One Positioning Areaايڊنبرا(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي ٽي 20 ڪرڪيٽ ۾ رينڪنگ ۾ نمبر ون پوزيشن خطري ۾ پيجي وئي. پاڪستان ۽ اسڪاٽ لينڊ جي ٽيمن وچ ۾ ٻه ٽي 20 ميچون ترتيبوار 12 ۽ 13 جون تي اينڊنبرا ۾ کيڏيون وينديون. هن وقت گرين شرٽس رينڪنگ ۾ 130 پوائنٽن سان سرفهرست آهي، 11 نمبر تي موجود اسڪاٽ لينڊ جي ٽيم خلاف جيڪڏهن ٻنهي ميچن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ته هڪ پوائنٽ جو اضافو ٿيندو. سريز 1، 1 تان برابر ٿيڻ تي پهرين پوزيشن ته برقرار رهندي پر 3 پوائنٽن جي ڪٽجڻ بعد ٻئي پوزيشن تي موجود ڪينگرو ٽيم سان قومي ٽيم جو فرق  رڳو هڪ پوائنٽ تي وڃي رهندو.  پر جيڪڏهن ٻنهي ميچن ۾ شڪست ٿي ته 7 پوائنٽن جي خساري سان سرفراز اليون کي ٽئين پوزيشن تي کڻي ويندي. ائين 126 پوائنٽن سان آسٽريليا سرفهرست ۽ 123 پوائنٽن سان ٽئين پوزيشن تي موجود ڀارتي ٽيم پوائنٽن جي انگ اکرن جي فرق سان ٻي پوزيشن تي اچي ويندي.هن وقت رينڪنگ ۾ شروعاتي ٽن پوزيشن تي پاڪستان، آسٽريليا ۽ ڀارت موجود آهن نيوز لينڊ، انگلينڊ ڏکڻ آفريڪا ۽ ويسٽ انڊيز جون ٽيمون ترتيبوار چوٿين، پنجين، ڇهين ۽ ستين نمبر تي موجود آهن. بنگلاديش کي ٽن ٽي 20 ميچن جي سريز ۾ وائٽ واش شڪست ڏيندڙ افغان ڪرڪيٽ ٽيم اٺين نمبر تي موجود آهي سريلنڪا 9 ۽ بنگلاديش ٽاپ ٽين جي آخري ميمبر آهي. ياد رهي ته هلندڙ سال مخصر فارميٽ ۾ گرين شرٽس جي ڪارڪردگي بهترين رهي آهي، ٽيم نيوزيلينڊ خلاف سريز جي پهرين ميچ هارائڻ بعد پوئتي نه ڏٺو ۽ ٻنهي ميچن ۾ ڪيويز کي شڪست ڏيندي سريز پنهنجي نالي ڪئي ۽ وري ويسٽ انڊيز کي ڪراچي ۾ ٽنهي ٽي 20 ميچن ۾ پڻ مات ڏني هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪوهلي جي نه هجڻ سان ڀارتي ٽيم تي فرق ضرور پوندو: سرفراز احمد

دبئي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ورات ڪوهلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے