18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

فٽبال ورلڊ ڪپ کان اڳ ڪرپشن جو وڏو اسڪينڊل سامهون اچي ويو

The big scandal of corruption came before the Football World Cupلنڊن(اسپورٽس نيوز) فٽبال جي عالمي ڪپ شروع ٿيڻ کان اڳ ئي دنيا جي مشهور راند ۾ به ڪرپشن اسڪينڊل سامهون اچي ويو. فٽبال جي راند ۾ پڻ هڪ وڏي اسٽنگ آپريشن ڪيترن ئي چهرن تان پردو هٽائي ڇڏيو آهي. اسٽنگ آپريشن جي ويڊيو ۾ آفريقن فٽبال جي ريفري ۽ اختيارين کي ميچن کا اڳ ڊالر ۽ تحفا وٺندي ڏسي سگهجي ٿو، انهن مان هڪ ريفري اهو آهي جنهن کي عالمي ڪپ دوران ميچ ريفري جو ذميواريون ادا ڪرڻيون هيون. ويڊيو ۾ ڪيل ڳالهه ٻولهه ۾ دوران ڪرپٽ ريفري تحفو ڏيڻ تي ٿوري مڃيندي چيو ته هن تحفي کان به اهم توهان سان دوستي ٿيڻ آهي. اسٽنگ آپريشن آفريقن فٽبال جي مستقبل تي پڻ ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا آهن. آفريقن فٽبال اختيارين ڪجهه ڏينهن بعد 2026 جي عالمي ڪپ جي ميزباني لاءِ پنهنجو ووٽ پڻ ڪاسٽ ڪرائڻو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Asia Cup: India Today the competition will be held with Hong Kong

ايشيا ڪپ: اڄ ڀارت جو هانگ ڪانگ سان مقابلو ٿيندو

دبئي ( اسپورٽس نيوز )  چوڏهين ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ ۾ اڄ ڀارت جو هانگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے