22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نگران وزيراعظم ۽ ڪابينا جي ميمبرن اثاثن جا تفصيل جمع نه ڪرايا

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن جي خاطري باوجود نگران وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا جي ميمبرن طرفان اڃا تائين اثاثن جا تفصيل جمع نه ڪرايا ويا آهن. نگران وزيراعظم کي قسم کنئي هڪ هفتو گذري ويو پر اثاثن جا تفصيل جمع نه ڪرايا ويا آهن. اليڪشن ايڪٽ 2017ع تحت قسم کڻڻ جي ٽن ڏينهن ۾ اثاثن جا تفصيل فراهم ڪرڻ لازم آهي. اليڪشن ڪميشن جي ذريعن  موجب نگران وزيراعظم اڃا تائين اثاثن جا تفصيل جمع نه ڪرايا آهن ۽ وفاقي ڪابينا جي ميمبرن طرفان به اڃا تفصيل نه ڏنا ويا آهن. اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب سنڌ جي نگران وڏي وزير به اڃا تائين اثاثن جا تفصيل جمع نه ڪرايا آهن. ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن اثاثن جي تفصيلن لاءِ نگران حڪومت جي عهديدارن کي خط لکيا ۽ يادگيري لاءِ به خط موڪليا ويا. اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب اثاثن جا تفصيل نه ڏيڻ تي قانوني طور پارليامينٽ ميمبرن جي ميمرشبپ معطل ڪئي ويندي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيب جاويد اقبال جي دور ۾ ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جي دور ۾ 11 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے