22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

تربيلا ڊيم ٽرانسفارمر اوور لوڊ، وارسڪ ڊيم مان پيداوار بند، ڪي پي ۾بجلي جي فراهمي متاثر

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) تربيلا ڊيم جو ٽرانسفارمر  اوور لوڊ هئڻ ۽ وارسڪ ڊيم مان بجلي جي پيداوار بند هئڻ سبب ڪي پي جي گادي واري هنڌ پشاور،ايبٽ آباد ۽ مردان جي مختلف علائقن ۾ بجلي جي فراهمي متاثر ٿي رهي آهي. پشاور جي علائقي فقير ڪالوني ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرين روڊ کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪري ڇڏيو ۽ اختيارين خلاف نعريبازي ڪئي وئي. ٻئي طرف پشاور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني پيسڪو جي اختيارين موجب تربيلا ڊيم جي پاور ٽرانسفارمرز تي شديد لوڊشيڊنگ آهي جنهن سبب مردان ۽ هري پور ۾ بجلي جي فراهمي متاثر ٿي آهي، متاثر علائقن ۾ اوور لوڊنگ سبب عوام کي ٽرپنگ ۽ گهٽ وولٽيج کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. اختيارين ٻڌايو ته وارسڪ ڊيم مان بجلي جي پيداوار بند ٿي وئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ پشاور ۽ لاڳاپيل علائقن ۾ به بجلي جي فراهمي متاثر ٿي آهي. تربيلا ڊيم جي پاور ٽرانسفارمر ۽ اوور لوڊ هئڻ ۽ وارسڪ ڊيم جي جنريشن بند هئڻ سبب پشاور، ايبٽ آباد ۽ مردان جي مختلف علائقن ۾ بجلي فراهمي متاثر ٿي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے