24 آچر , جون 2018

دل جي مريضن لاءِ مفت ايمبولينس سروس جو آغاز

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) قومي اداري انتظاميا پهريون ڀيرو پوري سنڌ ۾ دل جي مريضن کي اسپتال پهچائڻ لاءِ ايمبولينس سروس شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. امن فائونڊيشن پنهنجي 25 ايمبولينس سروس قومي اداري جي انتظاميا جي حوالي ڪيون آهن ان حوالي سان خميس تي امن فائونڊيشن ۽ قومي اداري دل جي اسپتال انتظاميه جي وچ ۾ معاهدي تي صحيح ڪئي وئي. تقريب ۾ قومي اداري دل اسپتال جي جي پروفيسر نديم قمر، ايگزيٽڪو ايڊمنسٽريٽر ڊاڪٽر حميد الله ملڪ، پروفيسر  حسن رضوي سميت امن فائونڊيشن جي انتظامي آفيسرن به موجود هئا. پروفيسر نديم قمر تقريب ۾ ٻڌايو ته پهريون ڀيرو قومي ادري امن فائونڊيشن جون 25 ايمبولينس سروس جي خدمت حاصل ڪئي آهي ته ان ايمبولينس سروس جي ذريعي ڪراچي سميت قومي اداري جي سيٽلائٽ ۽ چيسٽ پين ڪلينڪس سان دل جي مريضن قومي اداري دل جي اسپتال منتقل ڪيو ويندو هي منتقلي بغير معاوضي جي هوندي. هن چيو ته دل جي مريضن کي اهڙي سروس پهريون ڀيرو بغير معاوضي فراهم ڪئي پئي وڃي، هن ٻڌايو ته ان ايمبولينس تي اين آئي سي وي ڊي جو مونوگرام لڳايو ويندو ويندو جنهن کان پوءِ هي ايمبولينس سروس پهريون ڀيرو قومي اداري دل جي اسپتال جي تحت شروع ڪيو ويندو. ايمبولينس سروس بغير  معاوضي  جي هوندي. ايمبولينس سروس ۾ امن فائونڊيشن جو عملو تعينات ڪيو ويندو. پروفيسر نديم قمر ٻڌايو ته قومي اداري ۽ امن فائونڊيشن وچ ۾ معاهدو طئي ڪيو ويو آهي معاهدي جي تحت 25 امن ايمبولينس قومي ادري دل جي اسپتال عطيه ڪيو ويون آهن. هي ايمبولينس پوري سنڌ ۾ مريضن جي منتقلي جا فرض سر انجام ڏينديون . هن چيو ته اسپتال ۾ مريضن لاءِ مفت علاج ڪيو ويندو. انجيو گرافي وپلاسٽي کان وٺي مصنوعي دل لڳائڻ جا تمام  علاج مفت ڪيا ويندا. اسان دل جي اسپتال کي پوري دنيا جو بهترين ڪارڊيڪ اسپتال بڻائي رهيا آهيون . ان حوالي سان اسپتال ۾ خصوصي ٽيم به تيار ڪئي وئي آهي. هن چيو ته اسپتال ۾ مفت علاج جي فراهمي کان پوءِ مريضن جو غير معمولي دٻاءٌ ۾ اضافو هوندو پر اسان انسيانيت جي خدمت ۾ مصروف آهيون ،ان جو چوڻ آهي ته ڪو به مريض دل جي بيماري جي علاج کان مهروم نه رهي سگهندو  اسپتال ۾ علاج ومعالجي لاءِ ڪنهن به سطح تي پئسا نه ورتا ويندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماحول دشمن ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ کي تيل ۾ تبديل ٿيندڙ ڪارخانو

هارورڊ (ويب ڊيسڪ)عاليم پئماني  تي تپش   ۾ واڌ  جو سڀ کان بدنام گيس ڪاربان داءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے