22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

سپريم ڪورٽ ۾ پاڻي جي کوٽ بابت ٻڌڻي، سي ڊي اي چيئرمين کي پيش ٿيڻ جي هدايت

TranslateTurn off instant translation سپريم ڪورٽ جو اميدوارن کي نامزدگي فارم سان گڏ حلفي بيان جمع ڪرائڻ جو حڪم 74/5000 Translate from: Sindhi The order of submitting the oath of honor to the Supreme Court with the nomination form Your contribution will be used to improve translation quality and may be shown to users anonymously About Google TranslateCommunityMobileAbout GooglePrivacy & TermsHelpSend feedbackاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ راولپندي ۽ اسلام آباد ۾ پاڻي جي کوٽ تي پاڻ مرادو نوٽيس جي ٻڌڻي دوران سي ڊي اي چيئرمين کي طلب ڪيو آهي. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهيءَ سپريم ڪورٽ جي بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اهي سمورا ماڻهو موجود آهن جن جا ٽيوب ويلز آهن جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته 8 ماڻهو عدالتي ڪمري ۾ موجود آهن جنهن ۾ زمرد خان، ملڪ ابرار، شهزاده خان، سجاول محبوب سميت ٻيا شامل آهن. ملڪ ابرار پنهنجو تعارف ڪرائيندي چيو ته منهنجو نالو ملڪ ابرار آهي، مان اڳوڻو قومي اسيمبلي ميمبر آهيان جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ڇڏيو توهان جيڪو به آهيو، فريادي تي اچو، جنهن تي ملڪ ابرار چيو ته منهنجو ڪو به ٽيوب ويل ناهي. چيف جسٽس چيو ته ٺيڪ آهي توهان جو بيان نوٽ ڪريون ٿا، جيڪڏهن توهان غلط بياني ڪئي ته توهين عدالت جي ڪارروائي ٿيندي. چيف جسٽس پيش ٿيندڙ ٻي شخص زمرد خان کي چيو ته توهان ٻڌايو توهان تي به الزام آهي جنهن تي هن چيو ته مون تي غلط الزام آهي منهنجو ڪو به ٽيوب ويل ناهي.  زمرد خان چيو ته سماجي ڪارڪن جي حيثيت ۾ ڪجهه گذارش ڪرڻ چاهيان ٿو، راولپنڊي ڪنٽونمينٽ بورڊ جي علائقي ۾ پاڻي جو شديد بحران آهي، ڪينٽ بورڊ ۽ سي ڊي اي هڪ ٻئي سان سهڪار نه ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڪيترا ئي علائقا آهن جتي انتظاميه طرفان پاڻي نه ٿو ڏنو وڃي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ڇا ماڻهو ٽئنڪر جو پاڻي استعمال ڪندا آهن، ايترو پاڻي هي ماڻهو مفت ۾ حاصل ڪري رهيا آهن. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته پاڻي جي فراهمي بابت ضابطا اخلاق ڇو نه ٺهيو آهي، ان موقعي تي ميونسپل ڪارپوريشن جي نمائندي چيو ته ايندڙ اجلاس ۾ ٽيوب ويل مان پاڻي استعمال ڪرڻ وارن تي ٽيڪس لڳائڻ جي سوچي رهيا آهيون. چيف جسٽس چيو ته سپريم ڪورٽ جي نوٽيس بعد ئي توهان کي ڇو ياد ايندو آهي، ڪيترن ڏينهن ۾ ٽيڪس لڳائڻ جو فيصلو ڪندا. ميونسپل جي نمائندي عدالت کان 15 ڏينهن جو وقت طلب ڪيو جنهن تي چيف جسٽس چيو ته سي ڊي اي ۽ ميونسپل ڪارپوريشن پاڻي جي مسئلي تي گڏيل حڪمت عملي تيار ڪن.  ان موقعي تي سپريم ڪورٽ سي ڊي اي چيئرمين کي به طلب ڪري ورتو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے