21 جمعو , سيپٽمبر 2018

سڀ ڪجهه قانون کان مٿڀرو ٿي رهيو آهي، مشرف کي گارنٽي ڪيئن ٿي ڏئي سگهجي: نواز شريف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته سڀ ڪجهه قانون کان مٿڀرو ٿي رهيو آهي، مشرف جهڙي شخص کي گارنٽي ڪيئن ٿي ملي سگهي؟ احتساب عدالت ۾ پيشيءَ جي موقعي تي ميڊيا سان غير رسمي طور ڳالهائيندي چيو ته نواز شريف سوال اٿاريو ته اسان جي عقل ۽ سمجهه ۾ ڳالهه نه اچي رهي آهي، ڪاڏي ويو آئين ۽ قانون، آرٽيڪل 6 ۽ ڪاڏي ويا سمورا ڪيس؟ هن چيو ته مشرف خلاف هڪ ته سنگين غداريءَ جو ڪيس هلي رهيو آهي ٻي طرف کيس چونڊ وڙهڻ جي مشروط اجازت ملي وئي، جڏهن ته مون کي تاحيات نااهل ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته ڪنهن آئين ۽ قانون ۾ مشروط اجازت ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي، اسان کي به ڏيکاريو، سڀ ماڻهو حيرت ۾ ٻڏل آهن ته چيف جسٽس اهڙو حڪم ڪيئن ٿو ڏئي سگهي. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته ڪو قتل ڪري ڇڏي، آئين ٽوڙي، تباهي مچائي پر چيف جسٽس چاهيندو ته کيس ڪجهه نه ٿيندو. هن چيو ته اڪبر بگٽي قتل ڪيس ۾ پرويز مشرف شامل آهي، ججن کي نظر بند ڪرڻ، 12 مئي جي واقعي ۽ 2 ڀيرا آئين ٽوڙڻ ۾ پرويز مشرف ملوث آهي توهان چئو ٿا ته کيس گرفتار نه ڪيو وڃي، هي ڪهڙو آئين آهي، ان آئين جون شقون اسان کي به پڙهڻ ڏنيون وڃن، مون کي پنهنجي گهر واري ڪلثوم نواز جي عيادت لاءِ ٽن ڏينهن جي ڇوٽ به نه ملي رهي آهي؟

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے