21 خميس , جون 2018

جناب رسول بخش پليجي جو لاڏاڻو- هڪ دور جي پڄاڻي

اڄ بجا طور تي سنڌ جي تاريخ جو هڪ انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ المناڪ ڏينهن آهي جو اڄ سنڌ جي هڪ مهان هستي، اڳواڻ ۽ ڏاهي رسول بخش پليجي جي رحلت ٿي آهي، انهيءَ انسان جي رحلت جيڪو سنڌي سماج جي لاءِ هڪ بي انتها اتساهه جو ذريعو هو، جنهن جي زندگي، فڪر، سياسي عمل ۽ جدوجهد سموري سنڌي سماج کي پنهنجي سحر ۾ جڪڙي ورتو هو.

جناب رسول بخش پليجي جو جنم 21 فيبروري 1930ع تي جنگشاهيءَ ۾ ٿيو، هُن پنهنجي شروعاتي تعليم جنگشاهيءَ ۾ ئي حاصل ڪئي جيڪا ان وقت جي روايتي مذهبي ۽ مدرسن واري تعليم هُئي، جڏهن ته هُن سيڪنڊري تعليم سنڌ مدرسته الاسلام مان حاصل ڪئي ان بعد پنهنجي لا گريجوئيشن سنڌ لا ڪاليج ڪراچيءَ مان مڪمل ڪري پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز ڪيو، پر پاڻ سياسي سرگرمين جو آغاز 14- سالن جي عمر ۾ جڏهن سنڌ مدرسته الاسلام ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران کي ڪري چڪو هو. هُن سنڌ مدرسته الاسلام ۾ سنڌي اسٽوڊنس آرگنائيزيش جو بنياد رکيو هو ۽ ڪيئي سماجي ۽ سياسي مسئلن تي پنهنجن شاگرد دوستن کي منظم ڪرڻ شروع ڪيو هو، هُن تڏهن ڪراچيءَ ايندڙ قائد اعظم محمد علي جناح سان پڻ سنڌ مدرسته الاسلام جي پليٽ فارم تان هڪ وفد ٺاهي ملاقات ڪئي هئي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته جناب رسول بخش پليجو جي وجود ۾ منجهه سياسي سمجهه ۽ فڪر جا رويا ننڍپڻ کان ئي هُئا.

جناب رسول بخش پليجو پنهنجي سياسي جدوجهد جي شروعات جهڙوڪر سائين جي ايم سيد سان گڏ ”بزم صوفياءِ سنڌ“ نالي سان هڪ تنظيم ٺاهي ڪري چڪو هو، ان پليٽ فارم تان هُن سنڌي سماج جي سجاڳيءَ لاءِ ڪافي ڪوششون ورتون، جدوجهد ڪئي ۽ پنهنجن خيالن جي اپٽار ڪئي، صوفيائي ڪرام سنڌ جي پليٽ فارم تان سندس جدوجهد ڪو گهڻو وقت اڳتي هلي نه سگهي ۽ پاڻ ان سٿ کان الڳ ٿي ويو، ان بعد پاڻ 1978ع 1979ع ۾ سنڌي عوامي تحريڪ نالي هڪ سياسي پليٽ فارم جوڙيائين، عوامي تحريڪ پهريون دفعو سنڌي سماج ۾ سياست کي سائنسي فڪر جي بنياد تي اڳتي وڌايو، انهي لاءِ رسول بخش پليجي پنهنجي انتهائي ڏاهپ سان سنڌ، پاڪستان توڙي سڄي دنيا جي حالتن جا تجزيه ڪري شاندار آرٽيڪل تحرير  ڪيا جيڪي هڪ ڪتاب “ صبح ٿيندو” ۾ ترتيب ڏئي شايع ڪيا ويا، “صبح ٿيندو” سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ هڪ شاهڪار ڪتاب آهي جنهن سنڌ ۾ سياسي بحثن کي هڪ نئون رخ ڏنو.

سنڌ جي سياست ۾ هم خيال ماڻهن کي گڏ ڪري “ سنڌي قومي سوال” جي ڪيئي پهلوئن تي جدوجهد ڪرڻ پڻ جناب رسول بخش پليجي ۽ جو ئي ڪمال آهي، پاڻيءَ جو مسئلو هُجي، سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاريءَ جو مسئلو هُجي، سنڌ جي زمينن تي ڌارين جي قبضي جو مسئلو هُجي، ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾ لکڻ جو مسئلو هُجي، سنڌين جي رزق روزگار جو مسئلو هُجي، سنڌ جي تقسيم جو اشو هجي، سنڌي ٻولي قومي ٻوليءَ جو مسئلو هُجي، يا ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي ۽ ارڙهن ڪروڙ عوام جي سياسي ۽ جمهوري حقن جو سوال هُجي پاڻ هر هميشه هر عوامي جدوجهد ۾ اڳ کان اڳرو رهيو، ”موومينٽ فار دي ريسٽوريشن آف ڊيموڪريسي“ ( ايم آر ڊي ) ۾ سندس قيادت ۾ ادا ڪيل ڪردار کان سڄي دنيا واقف آهي جنهن ۾ سوين سنڌياڻين جيل ڀري اهو ثابت ڪيو ته هو سنڌي سماج ۾ هر تبديليءَ ۽ جدوجهد لاءِ مردن کان پُٺتي نه هونديون.

جناب رسول بخش پليجو پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ پڻ هڪ يگانو ڪردار آهي، جنهن هن وفاقي ملڪ ۾ پهريون دفعو قومن جي حقن لاءِ هڪ منظم سياسي جدوجهد جو آغاز ڪيو، ۽ ملڪ جي سمورين جمهوري، قوم دوست ۽ قومن جي حقن کي تسليم ڪندڙ قوتن کي گڏي ڪري عوامي نيشنل پارٽيءَ جو بنياد وڌو جنهن ملڪ جي چئني صوبن ۾ هڪ شاندار تحريڪ هلائي ۽ ”پاڪستان ۾ قومي سوال“ واري صورتحال کي واضع ڪيو ته پاڪستان هڪ وفاقي ملڪ آهي جنهن جي چئني ايڪن ۾ رهندڙ قومن جا سياسي، اقتصادي ۽ سماجي حق برابر، سندن جملي حقن جو تحفظ ڪيو وڃي، عوامي نيشنل پارٽيءَ جي پليٽ فارم تان ٿيندڙ اهڙي جدوجهد ڪافي ڪاميابيون ماڻيون پر افسوس جو اها سياسي جدوجهد پنهنجي منطقي انجام تائين پهچي نه سگهي.

جناب رسول بخش پليجي جو سياسي جنم جيتوڻيڪ سنڌ ۾ ٿيو ۽ سنڌي قومي سوال واري سياست سندس اسرڻ ۽ نسرڻ جو بنياد هئي، پر هو پنهنجن خيالن ۾ بين الاقواميت پسند هو، هو سنڌين جي حقن سميت سموري دنيا جي مظلوم قومن جي سياسي، اقتصادي ۽ سماجي حقن جو حامي ۽ علمبردار هو،  هُن سنڌ جي شعور کي عالمي شعور سان ڳنڍيو، “سنڌي قومي سوال“ کي پاڪستان جي ٻين قوميتن جي قومي سوال سان ڳنڍِيو ۽ پاڪستان جي مظلوم قومن جي قومي جدوجهد کي هڪ ٻئي سان ڳنڍڻ سميت ان کي دنيا سان ڳنڍيو جيڪو ڪم سندس سياسي زندگيءَ جو هڪ اهم ترين ڪم ڪري ليکيو ويندو.

اڄ افسوس سان رسول بخش پليجو اسان جي وچ ۾ نه آهي ۽ اسين اهو نه ٿا سمجهو ته ڪو هو اسان کان الڳ ٿي ويو آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته هو فطري ۽ جسماني طور تي اسان سان گڏ نه آهي، پر هو فڪري ۽ روحاني طور تي اسان سان گڏ آهي ۽ هميشه رهندو، اڄ اسان سندس مرتئي تي انتهائي ڏک ۾ ورتل آهيون ۽ انهيءَ ڏک جي گهڙيءَ ۾ اسان سنڌي عوام سميت دنيا جي مظلوم قومن جي ڏک ۾ پڻ برابر جا شريڪ آهيون، جناب رسول بخش پليجوبجا طور تي ننڍي کنڊ جو وڏو انسان آهي ۽ سنڌ جي صدين جي غلامي ۽ جبر جو پڙاڏو هو، آهي ۽ رهندو.

جمعو 8 جون  2018ع، 23 رمضان المبارڪ 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

عيد ۽ خوشي

عيدالفطر ۽ خوشي جو تصور، رمضان المبارڪ ۾ مسلمانن مٿان روزا فرض ڪيا ويا، مند …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے