20 خميس , سيپٽمبر 2018

اڳوڻي صدر پرويز مشرف جو پاسپورٽ بلاڪ، ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم

Pervez Musharraf's decision to block passport and identity cardsاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اميگريشن اينڊ پاسپورٽ ڊائريڪٽوريٽ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جو ڊپلوميٽڪ پاسپورٽ بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي.گهرو وزارت خاص عدالت جي حڪم جي روشني ۾ گذريل مهيني 22 مئي تي پرويز مشرف جو پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو جنهن تي عملدرآمد ڪندي اميگريشن اينڊ پاسپورت ڊائريڪٽوريٽ اڳوڻي صدر مشرف جو ڊپلوميٽڪ پاسپورٽ بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي. گهرو وزارت خط ذريعي ايف آءِ اي کي به پرويز مشرف جي گرفتاري لاءِ انٽرپول سان رابطي جو حڪم ڏئي رکيو آهي ۽ 22 مئي تي ئي ايف آءِ اي کي خط ۾ چيو ويو هو ته هو انٽرپول سان رابطو ڪري ۽ انٽرپول ذريعي مشرف کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، گهرو وزارت پرڏيهه ۾ پرويز مشرف جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جو به حڪم ڏيندي پرويز مشرف جي پرڏيهه ۾ نالي گرمي ملڪيتون ضبط ڪيون وڃن ۽ حڪم تي عملدرآمد لاءِ ايف آءِ اي حڪومتي سمورن ادارن کان سهڪار حاصل ڪري سگهي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جي آزادي کي پ پ چيئرمين رليف قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، مريم نواز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے