21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نيب کي نندي پور پاور پروجيڪٽ ۾ مبينا ڪرپشن جي جاچ جو حڪم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ثاقب نثار نيب کي نندي پور پاور پروجيڪٽ ۾ مبينا ڪرپشن جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ نندي پور پاور پروجيڪٽ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي، توانائي وارو سيڪريٽري ۽ ٻيا عملدار عدالت ۾ پيش ٿيا. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته نندي پور پاور پروجيڪٽ اڃا تائين ڇو نه ٺهيو آهي، پروجيڪٽ جو فائل قانون واري وزارت ۾ ڪيتري عرصي تائين رهيو، پروجيڪٽ ۾ جيڪو فراڊ ٿيو اهو ڏسڻ چاهيان ٿو. توانائي واري سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته 525 ميگا واٽ لاءِ 2005 ۾ نندي پور پاور پروجيڪٽ ٿيو، 22 بلين جو منصوبو 58 بلين تائين پهتو. عدالت چيو ته نندي پور پاور پروجيڪٽ بابت جعفري رپورٽ موجود آهي، پروجيڪٽ ۾ ڪرپشن جي معاملي کي ڏسنداسين. سپريم ڪورٽ جسٽس جعفري رپورٽ جي روشني ۾ نيب کي نندي پور پروجيڪٽ ۾ مبينا ڪرپشن تي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے