22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

ڪوئيٽا ۾ پاڪ فوج جي هيليڪاپٽر جي ڪريش لينڊنگ، 6 ماڻهو زخمي

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) ڪوئيٽا ۾ آرمي ايوي ايشن جي هيليڪاپٽر جي ڪريش لينڊنگ جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا.  اوڀر باءِ پاس ويجهو هيليڪاپٽر ۾ فني خرابي پيدا ٿي جنهن سبب هيليڪاپٽر ڪريش لينڊنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 6 ماڻهو زخمي ٿي پيا، کين سي ايم ايڇ منتقل ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر حادثي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته آرمي ايوي ايشن جو هيليڪاپٽر ڪاهان ڪوهلو کان زخمي سپاهي کي ڪوئيٽا کڻي وڃي رهيو هو. ترجمان موجب هيليڪاپٽر ۾ سوار ايف سي جو جوان هيليڪاپٽر جي ڪريش لينڊنگ کان اڳ شهيد ٿيو جڏهن ته واقعي ۾ هيليڪاپٽر جو عملو ۽ پائليٽ محفوظ آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے