20 خميس , سيپٽمبر 2018

علاوالدين مري بلوچستان جو نگران وڏو وزير مقرر

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن علاوالدين مري کي بلوچستان جو نگران وڏو وزير مقرر ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن جي ايڊيشنل سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بلوچستان جو نگران وڏو وزير علاوالدين مري هوندو. بلوچستان جي نگران وڏي وزير جو تعلق ضلعي مستونگ سان آهي، هو يونيورسٽي آف بلوچستان مان گريجوئيشن ڪرڻ بعد عام مفاد جي مختلف ڪمن سان واڳيل رهيو آهي. علاوالدين مري جي مقرري بعد چئني صوبن ۽ مرڪز ۾ نگران سيٽ اپ مڪمل ٿي ويو آهي. مرڪز ۾ جسٽس رٽائرڊ ناصر الملڪ نگران وزيراعظم جي عهدي تي مقرر آهي، ڪي پي ۾ نگران وڏي وزير جون ذميواريون جسٽس رٽائرڊ دوست محمد خان نڀائي رهيو آهي جڏهن ته پنجاب ۾ وڏ وزارت جي عهدي تي تجزئي نگار حسن عسڪري مقرر آهي. سنڌ ۾ اڳوڻي چيف سيڪريٽري فضل الرحمان کي نگران وڏو وزير مقرر ڪيو ويو آهي. سنڌ ۽ مرڪز ۾ مقرريون حڪومت ۽ مخالف ڌر جي گڏيل مشوري سان ڪيون ويون جڏهن ته ٽن صوبن ۾ مقرريون اليڪشن ڪميشن طرفان ڪيون ويون آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان دهشتگردن جي ٿاڪن جي خاتمي لاءِ آپريشن ڪيا: آمريڪا جو اعتراف

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي پرڏيهي کاتي اعتراف ڪيو آهي ته  پاڪستان دهشتگردن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے