19 اربع , سيپٽمبر 2018

مسلم ليگ ن حسن عسڪري تي خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن پروفيسر حسن عسڪري جي نگران وڏي وزير طور مقرري تي خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو. پنجاب جي اڳوڻي قانون واري وزير راڻا ثناءَ الله ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حسن عسڪري جي مقرري تي اسان کي خدشا اهن ۽ سندس مقرري تي خدشن بابت لکت ۾ آگاهه ڪيو ويو آهي، سندس قدمن کي چئلينج ڪري سگهجي ٿو، بدقسمتي سان جنهن شخص ڪڏهن اسڪول نه هلايو آهي اهو صوبو هلائيندو.  هن چيو ته حسن عسڪري جمهوريت تي يقين نه ٿو رکي، هو مسلم ليگ ن جي قيادت خلاف ڳالهائي رهيو آهي. حنيف عباسي چيو ته حسن عسڪري هڪ اڻ ڌريو شخص ناهي، ٽاڪ شوز ۾ اسان خلاف ڳالهائيندو آهي. هن چيو ته ريحام خان ڪتاب ۾ جيڪو لکيو آهي تحريڪ انصاف ڪوڙو ثابت ڪري، هاڻي طلاق ۽ نڪاح جو الزام به مسلم ليگ ن تي اچي ويندو. حنيف عباسي چيو ته لوڊشيڊنگ جي ذميواري نگران حڪومت تي آهي، اسان جي حڪومت 11 هزار ميگا واٽ بجلي نظام ۾ شامل ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے