23 آچر , سيپٽمبر 2018

سپريم ڪورٽ نيب چيئرمين کي عهدي تان هٽائڻ لاءِ ن ليگ جي درخواست خارج ڪري ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ثاقب نثار نيب چيئرمين جاويد اقبال کي عهدي تان هٽائڻ بابت مسلم ليگ ن جي درخواست خارج ڪري ڇڏي آهي. نيب چيئرمين جاويد اقبال کي عهدي تان هٽائڻ لاءِ مسلم ليگ ن جاپان جي اڳواڻ نور احمد اعواڻ جي درخواست تي چيف جسٽس ثاقب نثار پنهنجي چيمبر ۾ ٻڌڻي ڪئي. مختصر ٻڌڻي کانپوءِ چيف جسٽس نيب چيئرمين کي هٽائڻ بابت درخواست خارج ڪري ڇڏي. درخواست گذار پنهنجو موقف اختيار ڪيو ته 8 مئي تي نيب چيئرمين هڪ پريس رليز جاري ڪئي جنهن ۾ اڳوڻي وزيراعظم  ۽ مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف طرفان پئسا ڀارت منتقل ڪرڻ جو ذڪر ڪيو ويو. درخواستگذار آئيني درخواست ۾ چيو ته پريس رليز نواز شريف کي بدنام ڪرڻ لاءِ جاري ڪئي وئي جنهن جي نيب چيئرمين طرفان ڪابه ترديد نه ڪئي وئي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ کي درخواست آهي ته نيب چيئرمين کان غير مشروط معافي وٺڻ ۽ کيس عهدي تان هٽائڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے