21 خميس , جون 2018

عام چونڊون: اصولن ۽ آدرشن کان وانجهيل سياست

پارلياماني  سياست ڪئي ئي چونڊجي حڪومت ۾ اچي عوام جي خدمت، ملڪ ۽معاشري جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ويندي آهي، سياسي جماعتن ۾ وري هڪڙيون سرمائيداري نظام جي واٽ تي هنن جي مخصوص طبقي جي خدمت ڪندڙ جماعتون هونديون آهن ته ڪي ساڄي ڌر جون قدامت پسند مذهبي ۽ نيم مذهبي جماعتون، ڪي وري کاٻي ڌر جون ترقي پسند ۽ روشن خيال جماعتون جيڪي عام ماڻهو ۽ سماج جي ڏتڙيل طبقي جو آواز سمجهيون ويندون آهن، رڳو اسان وٽ ئي نه پر سڄي دنيا ۾ ساڄي ڌر ۽ کاٻي ڌر جو تصور موجود آهي ۽ انهن تصورن تحت ئي سياست ٿئي پئي ۽ ٿيندي به رهي آهي پر دنيا اندرسياست جا ڪي اصول هوندا آهن، ڪي آدرش هوندا آهن، جن کي کڻي سياسي جماعتون منزل ڏانهن وڌنديون آهن، منزل تائين پهچڻ ۾ انهن جماعتن جي حصي ۾ ڪاميابيون به اينديون آهن ته  ناڪاميون به، ۽ انهن نظرياتي جماعتن سان سلهاڙيل مزدور، اڳواڻ ۽ چونڊيل نمائندا، ان نظريي تحت جدوجهد ڪندي پنهنجي عمر ڳاري ڇڏڻ کي ئي پنهنجي ڪاميابي سمجهندا آهن.

بدقسمتيءَ اسان جهڙن ٽين دنيا جي سماجن ۾ جتي سياست خاص ڪري نظرياتي سياست جي راهه جي رستا روڪ، جمهوريت تي راتاهن، چونڊيل نمائندن ۽  مقبول سياسي اڳواڻن جي تذليل واري روش سبب نظرياتي سياست جي جاءِ لالچ ۽ موقعي پرستيءَ واري سياست اچي والاري آهي، اتي آدرشي ۽ اصولن جي سياست بس هاڻي هڪ خواب بڻجي وئي آهي. نه رڳو خواب پر سماج اهڙو ته غير سياسي بڻيو آهي  جو سياسي ڪارڪنن ۽ چونڊيل نمائندن جي.اڄ هڪڙي ته سڀاڻي ٻي جماعت ۾ وڃڻ يعني روز روز پارٽيون مٽائڻ، اڃا به ايئن کڻي چئجي ته موسمي ڏيڏر بڻجڻ ۾ ڪا شرمندگي محسوس نه ٿي ڪئي وڃي، ان صورتحال  جو ذميوار رڳو سياسي جماعتن قرار نٿو ڏئي سگهجي پر اُن جا ڪيئي سبب آهن، اسان وٽ هٿ وٺي چيلهه چٻي ڪئي وئي. نظرياتي سياسي جماعتن جي لاڳيتي رستا روڪ ڪري موقعي پرست سياست جنم ورتو، جيڪا هن سماج جو اهم جز بڻجي وئي آهي، جي ايئن  نه هجي ها ته قطعي طور سياسي اڳواڻ، ڪارڪن ۽ چونڊيل نمائندا هوا جو رخ ڏسي نه هلن ها.

معياري سياست برقرار ئي اصولن ۽ آدرشن جي بنياد تي رکي سگهجي ٿي، اصول ۽ آدرش نه رهندا ته پوءِ بس اسيمبلين ۾ ميمبرن جي ڳڻپ پوري ڪرڻ يعني ڌنار وانگر ڍورن  جا ڪَنَ ڳڻڻ واري ڪار ئي وڃي رهندي، جيڪا اڄڪلهه اسان جي ملڪ ۾ عامُ آهي.

جيئن نانگ کل مٽائي يا جيئن موسمي ڏيڏر ڪڏهن هن ڪنڌيءَ  ڪڏهن هُن ڪنڌي ٽپا  ڏيندو  وتي، اليڪشن  ايندي ئي اسان وٽ پارٽيون مٽائڻ فيشن بڻجي ويو آهي. هر ڪو هوا جو رُخ ڏسي اقتدار جي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيڻ لاءِ ان جماعت جي ٻيڙيءَ  ۾ ڊُڪي سوار ٿيڻ لاءِ آتو آهي، جنهن ڏانهن هوا جو رُخ آهي، جيڪي به ايئن ڪن ٿا يا ڪري رهيا آهن، تن جي نظر پيٽ کان اڳتي پوڻ بند ٿي وئي آهي. انهن لاءِ اڄ به سڀ  ڪجهه پاڻ ۽ پنهنجو خاندان ٺاهڻ ملڪيت ٺاهڻ ۽ رعايتون حاصل ڪرڻ ئي آهي، جيئن ڪالهه هو.

اسان جو سماج ايتري حد تائين ڊيپو ليٽر سائيبز يا موقعي پرست ٿي چڪو آهي. جو رڳو فرد ئي سياسي جماعتون نه ٿا مٽائين، اڄ هتي سياڻي هُتي واري اصول تي نه ٿا هلن پر سياسي جماعتون، جن لاءِ اول آخر طاقت صرف ۽ صرف عوام ئي هوندو، تن به عوام تي ڀاڙڻ ڇڏي ڏنو آهي، هاڻي سياست عوام جي ڏڍ تي ڪرڻ بدران ڪهڙي تڪ ۾ ڪهڙو بااثر آهي، چونڊ کٽڻ جي صلاحيت رکي ٿو، تنهن کي پارٽي ۾ آڻڻ جي اصول تي ٿي رهي آهي، اهڙي صورتحال ۾ چونڊ کٽي سگهڻ جي صلاحيت رکندڙ موجن ۾ آهن، اهي جي عوام جو رت چوسيندا رهيا آهن، سياسي جماعتون جڏهن انهن جون ڳيجهو  بڻجي وڃن، انهن جون محتاج هجن ته اتي عوام ايئن ئي ويڳاڻو هوندو آهي، جيئن اسان جي ملڪ ۾ آهي.

ظاهر آهي جيڪي جماعتون چونڊ کٽڻ جي سگهه رکندڙن تي ڀاڙينديون، عوام کي ليکي ڇو کي ۾ ئي نه آڻينديون، سي اقتدار ۾ اچي عوام جي مفادن بدران انهن فردن جا مفاد پورا ڪرڻ کي ترجيح ڏينديون ، پاڪستان ۾ پيپلزپارٽي مقبول عوامي جماعت هئڻ سان گڏوگڏ مزاحمتي جماعت طور به سڃاڻپ رکندڙ هئي، جنهن لاءِ طاقت جو سرچشمو عوام هو پر اڄ عوام بدران سڄي ملڪ اندر انهن نوابن، سردارن، ڀوتارن ۽ چوڌرين تي ڀاڙڻ واري واٽ ورتي و ئي آهي، جيڪي ڪنهن دور  ۾ پارٽي جا ڳيجهو ۽ محتاج هوندا هئا، پارٽي اڄ انهن جي محتاج بڻائي وئي آهي

. پاڪستان تحريڪ انصاف ڪرپشن خلاف جدوجهد جي نعري سان ميدان ۾ لٿي، اُن نظام کي تبديل ڪرڻ لاءِ ڊگهي مهم هلائي ۽ مقبوليت به ماڻي پر جيئن جيئن اليڪشن  ويجهو پهتي ته پارٽي ڌر پنهنجي پنهنجي جماعتن سان دغا ڪندڙ يعني وفاداريون مٽائيندڙن لاءِ کولي ڇڏيا، ايئن اُن جي تبديلي واري نعري اڳيان سواليا نشان اچي ويو ڇو جو  جن طبقن خلاف پارٽي جدوجهد لاءِ ميدان ۾ لٿي هئي، سي سڀ جا سڀ مختلف  جماعتون  ڇڏي اچي هن پارٽيءَ ۾ گڏ ٿيا آهن. پاڪستان کي نئين دڳ آڻڻ لاءِ آئين ۽ قانون جي عملداريءَ سان  گڏوگڏ نظرياتي آدرش ۽ اصولن واري سياست جي اشد ضرورت آهي. ڇو جو موقعي پرست سياست ملڪ کي بند گهٽيءَ ۾ بيهارڻ کانسواءِ ٻيا ڪي نتيجا ڏئي نه ٿي سگهي.

خميس  7 جون  2018ع، 22 رمضان المبارڪ 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

عيد ۽ خوشي

عيدالفطر ۽ خوشي جو تصور، رمضان المبارڪ ۾ مسلمانن مٿان روزا فرض ڪيا ويا، مند …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے