21 جمعو , سيپٽمبر 2018

عائشه گلالئي اين اي 26 تان پرويز خٽڪ جي مقابلي ۾ نامزدگي فارم حاصل ڪري ورتا

Aisha Gulalai obtained the nomination form in the Pervaiz Khattak contest from the NA-26نوشهرا(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف گلالئي جي چيئرپرسن عائشه گلالئي خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ جي مقابلي لاءِ اين اي 26 تي نامزدگي فارم حاصل ڪري ورتا آهن. ميڊيا جي رپورٽن موجب تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ ڪي پي ڪي جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ قومي اسمبلي جي تڪ 26 ۽ صوبائي اسمبلي جي ٻن تڪن 61 ۽ 64 لاءِ نامزدگي فارم حاصل ڪري ورتا آهن. تحريڪ انصاف گلالئي جي چيئرپرسن عائشه گلالئي سندس مقابلي لاءِ نامزدگي فارم حاصل ڪري ورتا آهن، هو پرويز خٽڪ جي مقابلي ۾ چونڊن ۾ حصو وٺندي. جڏهن ته پي پي پي جي اڳوڻي صوبائي صدر سردار علي خان به اين اي 26 لاءِ نامزدگي فارم حاصل ڪري ورتا آهن، اي اين پي جي ميان افتخار حسين پي ڪي 65 لاءِ فارم حاصل ڪيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے