22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

پنجاب ۽ بلوچستان ۾ نگران وڏي وزير وارو معاملو اليڪشن ڪميشن حوالي

In the Punjab and Balochistan, the matter of the Attorney General referred to the ECPلاهور/ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) پنجاب ۽ بلوچستان ۾ نگران وڏن وزيرن واري معاملي تي حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي پارلياماني ڪميٽين ۾ اتفاق نه ٿي سگهيو. جنهن بعد معاملو اليڪشن ڪميشن ڏانهن هليو ويو. پنجاب جي نگران وڏي وزير لاءِ پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس پنجاب اسمبلي ۾ ٿيو جنهن ۾ ملسم ليگ ن جي طرفان راڻا ثناءَ الله، خواجا عمران نذير ۽ ملڪ محمد احمد خان شرڪت ڪئي، جڏهن ته پي ٽي آءِ طرفان ميان محمود الرشيد، سبطين خان ۽ شعيب صديقي شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ ن ليگ جي طرفان ايڊمرل(ر) ذڪا الله، جسٽس (ر) سائر علي جا نالا پيش ڪيا ويا جڏهن ته پي ٽي آءِ حسن عسڪري ۽ اياز امير جا نالا ڏنا. اجلاس ۾ ٻنهي ڌرين طرفان پيش ڪيل نالن تي غور ويچار ڪيوويو ، جڏهن ته نالن تي اتفاق نه ٿيڻ سبب اجلاس بنا نتيجي ختم ٿي ويو. اجلاس بعد ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي اڳوڻي مخالف ڌر اڳواڻ محمود الرشيد چيو ته ن ليگ ۽ اپوزيشن وچ ۾ ٿيل ڳالهيون ناڪام ٿي چڪيون آهن، اسان هڪ هڪ نالو ڊراپ ڪرڻ جو چيو هو پر ن ليگ ذڪاءَ الله جي نالي ضد ڪيو جنهن تي اسان کين چيو ته هتي ڪو جهاز راڻي جو مقابلو يا سمنڊ ۾ مشقون ناهن ڪرائڻيون هن وٽ انتظامي طور ڪو به تجربو ناهي. هن چيو ته حسن عسڪري هڪ دانشور ۽ غيرجابندار شخصيت آهي، هو ن ليگ ئي نه پر پي ٽي آءِ جي پاليسين تي پڻ تنقيد ڪندو آهي. محمود الرشيد چيو ته حڪومت جي غير دلچسپي واري رويوي سبب ڳالهيون ناڪام ٿيون، هاڻ اهو معاملو اليڪشن ڪميشن ڏانهن ويو آهي، اسپيڪر سمري تيار ڪري اليڪشن ڪميشن ڏانهن موڪليندو جنهن تي ٻن ڏينهن ۾ فيصلو اچي ويندو. ن ليگ اڳواڻ ملڪ محمد احمد خان چيو ته پي ٽي آءِ طرفان ٻه نالا ڏنا ويا اهي ٻئي متعصب هئا ۽ غيرجابندار نه هئا، صوبي ۾ غير جانبدار نگران وڏو وزير آڻڻ ضروري آهي. هن چيو ته جيڪي نالا اسان ڏنا اهي نيوٽرل هئا پر هاڻ معاملو اليڪشن ڪميشن ڏانهن هليو ويو آهي.ٻئي پاسي بلوچستان ۾ پڻ نگران وڏي وزير لاءِ مخالف ڌر جي پارلياماني ڪميٽي جي سربراهه بلوچستان اڳوڻي وڏي وزير نواب ثناءَ الله زهري جي سربراهي ۾ اجلاس ٿي گذريو جنهن ۾ حڪومتي پارلياماني ڪميٽي بائيڪاٽ ڪندي شرڪت نه ڪئي. حڪومت طرفان ٽئي ميمبر ڪميٽي اڳيان پيش نه ٿيا جنهن تي اجلاس ڪجهه دير بعد ختم ڪيوويو. اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ثناءَ الله زهري چيوته بدقسمتي آهي جو حڪومت طرفان ڪو به پارلياماني ميمبر ناهي آيو، پنهنجي تجويز ڪيل چارئي نالا اسپيڪر کي ڏينداسين ۽ معاملو اليڪشن ڪميشن ڏانهن ويندو. هن چيو ته اهو بدقسمتي جو مقام آهي جو اهو معاملو اليڪشن ڪميشن ڏانهن وڃي رهيو آهي، پر ان جي آئين ۾ گُنجائش آهي. بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير چيو آهي ته حڪومت آئين جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي، اسان بلڪل آئين موجب ڪم ڪيو آهي، جيڪو ڪجهه حڪومت طرفان ڪيو پيو وڃي اهو ٺيڪ ناهي، لڳي ٿو ته موجودا وڏي وزير جو سي ايم هائوس ڇڏڻ جو ڪو به ارادو ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے