22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ نگران وزيراعظم خلاف درخواست داخل

Appeal against the caretaker Prime Minister in Lahore High Courtلاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ نگران وزير اعظم جسٽس (ر) ناصر الملڪ جي خلاف درخواست داخل ڪئي وئي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مقامي وڪيل جاويد اقبال جعفري نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصر الملڪ جي خلاف درخواست داخل ڪئي آهي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نگران وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ بعد هن فوري طور تي پنهنجي اباڻي علائقي سوات جو دورو ڪيو جنهن تي قومي ناڻو  خرچ ڪيو ويو. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سوات جي دوري ۾ نگران وزيراعظم کي پروٽوڪول ڏنو ويو، ان جي سيڪيورٽي ۽ اچ وڃ تي جيڪو خرچ آيو اهو سرڪاري ناڻي مان ڪيو ويو انڪري اهو نگران حڪومت جو مينڊيٽ ناهي. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته نگران وزيراعظم کي حڪم ڏنو وڃي ته هو پنهنجي سوات واري نجي دوري ۾ ايندڙ خرچ کي قومي ناڻي ۾ جمع ڪرائي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس پهريان ان درخواست تي اعتراض واريو ته اها درخواست هٿ سان لکيل آهي ان کي ڪمپيوٽرائزڊ ناهي ڪيو ويو، جڏهن درخواست گذار طرفان ان تي اعتراض ختم ڪرڻ کان سواءِ ٻيهر درخواست جمع ڪرائي ڇڏي جنهن تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس مامون رشيد درخواست تي ٻڌڻي ڪئي ۽ اعتراض ختم ڪندي ان کي ٻڌڻي لاءِ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے