26 اربع , سيپٽمبر 2018

ملڪ جي مختلف حصن ۾ تيز برسات، چار ڄڻا فوت

 اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)  اسلام آباد ۽ لاهور سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن سان گڏ برسات شروع ٿي وئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻن ٻارڙن سميت 4 ڄڻا فوت ۽ 25 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.لاهور ۽ ڀرپاسي ۾ ٿيندڙ تيز طوفان سان برسات سبب ايئرپورٽ تي بيٺل پي آءِ اي جي ٻن جهازن کي به نقصان پهتو. ليسڪو مطابق برسات سبب بجلي جا 300 فيڊر ٽرپ ٿي ويا آهن، جنهنڪري علائقن مان بجلي گم ٿي وئي آهي، شهر ۾ مختلف حادثن سبب ٻن ٻارڙن سميت 4 ڄڻا فوت ۽ 20 زخمي ٿي پيا آهن.اسلام آباد ۾ تيز برسات سبب اسلام آباد ۾ 105 ارب رپين جي لاڳت سان ٺهندڙ نئون ايئرپورٽ پاڻي پاڻي ٿي ويو آهي، جڏهن ته ايئرپورٽ جي ڇت ٽمڪڻ ڪري مسافرن کي سخت پريشاني جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي.گوجرانوالا ۾ برسات سبب تلونڊي موسيٰ خان ۽ نوشهره روڊ تي ڇت ۽ ديوار ڪرڻ سبب 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال نيو ويو آهي. ان کانسواءِ مري، مظفر آباد، جهنگ، ڊيرا غازي خان، فيصل آباد، گوجرانوالا، گجرات، سيالڪوٽ، حافظ آباد، منڊي بهائو الدين، سرگوڌا، ميانوالي ۽ ٻين علائقن ۾ پڻ برسات جو سلسلو جاري آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماڊل ٽائون سانحي جي رٿابندي ڪندڙ طلب نه ٿيندا ته انصاف ڪيئن ٿيندو: طاهر القادري

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے