25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

عيد وارن ڏهاڙن ۾ سي اين جي اسٽيشنون کليل رهنديون: پڌرائي

CID stations are open in the Eid-War's decades: Clearly ڪراچي (ويب ڊيسڪ) رمضان مهيني ۾ سي اين جي جي بندش هفتيوار 3 ڏينهن هوندي. اهڙو يقين ايس ايس جي سي سي اين جي جي ايسوسيئيشن جي وفد هڪ ملاقات ۾ ڏياريو آهي. اي پي سي اين جي جي ڪوآرڊينيٽر مطابق عيد تي به ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنون کليل رهنديون. آل پاڪستان سي اين جي ايسوسيئيشن سڄي ملڪ جي سي اين جي اسٽيشنن جي نمائندگي ڪندڙ ۽ رجسٽرڊ ايسوسيئيشن آهي.سينيئر نائب چيئرمين سمير نجم الحسن چيو ته ڪجهه ماڻهو غير قانوني هڙتال ۽ احتجاج ذريعي پنهنجي دڪانداري چمڪائڻ چاهين ٿا. رمضان المبارڪ ۾ آل پاڪستان سي اين جي ايسوسيئيشن ڪنهن هڙتال يا احتجاج جو سڏ ناهي ڏنو، مسئلا افهام و تفهيم سان حل ٿين ته احتجاج ۽ هڙتال جو قدم غير مناسب آهي. عوام ۽ ٽرانسپورٽ ڪنهن هڙتال يا احتجاج جي سڏ تي ڌيان نه ڏين. ڪراچي ۽ سڄي سنڌ جو سي اين جي اسٽيشنون شيڊول مطابق کليل رهنديون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ايس ايل فور جو فائنل به ڪراچي ۾ ڪرائڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ فور جي شروعات ايندڙ سال 14 فيبروري تي ٿيندي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے