19 آچر , آگسٽ 2018

گرمي کان نه گهٻرائيو  ايئرڪنڊيشنڊ هيلمٽ پايو

 بنگلورو(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ٻين گرم ملڪن ۾  ڏينهن جو گرم موسم ۾ هيلمٽ پائڻ هڪ عذاب ٿي ويندو آهي جنهن لاءِ هاڻي ايئر ڪنڊيشنڊ هيلمٽ جي صورت ۾ هڪ دلچسپ ۽ آسان حل پيش ڪيو ويو آهي. هن کي بليو آرمر هيلمٽ جو نالو ڏنو وويو آهي جنهن جي اندر هڪ ايئر ڪولر لڳايو ويو آهي، جيڪو ٻاهر به ڪڍي سگهجي ٿو. هي ايئر ڪولر سيڪنڊن ۾ هيلمٽ کي ايئر ڪنڊيشنڊ بڻائي مٿي کي فوري طور تي ٿڌو ڪري سگهي ٿو. جئين ته هن هيلمٽ جي وزن ۾ ڪجهه اضافو ٿي ويو آهي. هن کي بنگلور جي هڪ ڪمپني تيار ڪيو اهي. هيلمٽ ۾ هڪ ننڍي بيٽري لڳائي وئي آهي جيڪا سادي انداز ۾ ڪم ڪري رهي آهي. هن جي اندر پاڻي سان ڀريل 2 پائپ آهن جيڪي پکي جي ٻاهران گهمندا رهن ٿا ۽ اندروني طور پاڻي هيلمٽ ٿڌو ٿي وڃي ٿو. ڪولر ۾ 60 ملي ليٽر پاڻي، برقي فلٽر ۽ 2500 ايم اي ايڇ بيٽري نصب آهي جنهن کي وري وري چارج به ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن هن کي مڪمل طور تي چارج ڪيو وڃي ته هي 10 ڪلاڪ تائين ڪار آمد رهي سگهي ٿي. بيلو هيملٽ جو هڪ ٻيو اهم حصو بيلو اسنيپ آهي جيڪو لچڪ دار پٽي جي طرح مٿي واري حصي سان جڙيل رهي ٿو. ان ۾ لڳل پکو ٿڌي هوا کي هيملٽ جي اندر اڇلي درجا حرارت کي 6 کان 15 سينٽي گريڊ تائين گهٽ ڪري سگهي ٿو. پوري هيلمٽ کي اهڙي طرح ڊيزائن ڪيو ويو آهي  هن هيلمٽ جي قيمت 3000 هزار رکي وئي آهي ،  ۽ هي 5 مختلف ڊيزائنن ۾ دستياب آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Due to the destruction of smartphone and tablet light blue eyesight eyes

سمارٽ فون ۽ ٽيبليٽ جي نيري روشني اکين نقصانڪار

اوهايو(ويب ڊيسڪ) سائنسدانن سمارٽ فون ۽ ٽيبليٽ جي نيري روشني کي اکن لاءِ نقصانڪار قرار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے