23 آچر , سيپٽمبر 2018

اصغر خان ڪيس: عدالت خورشيد شاهه کي جاري ڪيل نوٽيس واپس وٺي ڇڏيو

Asghar Khan Case: Court dismissed Khursheed Shah to the issued noticeاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ اصغر خان ڪيس ۾ خورشيد شاهه کي جاري ڪيل نوٽيس واپس وٺي ڇڏيو. تفصيل موجب چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ بئنچ اصغر خان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، خورشيد شاهه طرفان اعتزاز احسن عدالت ۾ پيش ٿيو. اعتزاز احسن عدالت اڳيان موقف اختيار ڪندي چيوته خورشيد شاهه کي ان ڪيس ۾ اڳ ۾ ڪڏهن نوٽيس جاري ناهي ٿيو،  ان تي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار چيو ته پتو لڳايون ٿا ته خورشيد شاهه کي نوٽيس ڇو جاري ٿيو. جنهن تي عدالت جي رجسٽرار چيو ته خورشيد شاهه کي ان ڪيس ۾ ڪڏهن به نوٽيس جاري ناهي ٿيو، هن ڏانهن نوٽيس غلطي سان جاري ٿيو آهي، جنهن بعد عدالت خورشيد شاهه کي جاري ڪيل نوٽيس واپس وٺي ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے