20 خميس , سيپٽمبر 2018

لاهور: پُراسرار نموني گم ٿيل سماجي ڪارڪن گل بخاري گهر پهچي وئي

Lahore: Mysteriously lost social work Gul Bukhari lost to the houseلاهور(ويب ڊيسڪ) گذريل ڏينهن لاهور مان پُراسرار نموني گم ٿيل سماجي ڪارڪن ۽ تجزيه نگار گل بخاري اغوا جي ڪجهه ڪلاڪن بعد واپس گهر پهچي وئي. ياد رهي ته نجي ٽي وي چينل سان واسطو رکندڙ سياسي تجزيه نگار ۽ انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ گل بخاري گذرل ڏينهن ٽاڪ شو ڪرڻ بعد پنهنجي ڊرائيور سان گڏ واپس گهر وڃي رهي هئي ته سرور روڊ تي شيرپائو پل ڀرسان ڪجهه گاڏين ۾ سوار ماڻهن کيس ڪار تان هيٺ لاهي پاڻ سان گڏ وٺي ويا. 52 ورهين جي گل بخاري جي اغوا واري خبر جهنگ ۾ باهه جيان پکڙجي وئي ۽ ماڻهو ڳڻتي واري صورتحال ۾ وٺجي ويا. ٻئي پاسي مغوي جا وارث ۽ مشهور وڪيل ۽ سماجي ڪارڪن حنا جيلاني ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ سرور روڊ ٿاڻي تي پهتا.  پر سمورن ٽي وي چينلن تي گل بخاري جي اغوا واريون خبرون نشر ٿيڻ جي ڪجهه ڪلاڪن بعد ئي هو واپس پنهنجي گهر پهچي وئي پر هن ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ کان پاسو ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي خط تي ڀارت جي جواب جا منتظر آهيون: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے