19 آچر , آگسٽ 2018

ڪالا باغ ڊيم نا منظور

پاڪستان چئن وحدتن جي وفاق جو نالو آهي، جتي قومي سطح جو ڪو به منصوبو ان وقت تائين عملي روپ ڌاري نه ٿو سگهي، جيستائين وفاق جون چارئي وحدتون ان تي متفق نه ٿيون ٿين.

1947ع ۾ ننڍي کنڊ جي ورڇ کان پوءِ ناڻي، پاڻي، وسيلن جي ورڇ، نوڪرين ۾ حصي جهڙن اهم قومي معاملن تي وفاق سان ننڍن صوبن جا اختلاف پئي رهيا آهن. وفاق ۾ شامل ٿيل وحدتن جي صدين جي قومي حيثيت کي تسليم ڪندي انهن جي ثقافتي تهذيب ۽ تمدن کي نظر ۾ رکندي انهن جي ٻولين يعني بنگالي، پنجابي، سنڌي، پشتو ۽ بلوچيءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيڻ وارو معاملو به تڪراري پئي رهيو آهي. اردو جيڪا سڀني صوبن ۾ ڳالهائي ۽ سمجهي وڃي ٿي، تنهن کي سرڪاري سطح تي رابطي جي ٻوليون قرار ڏيڻ بدران قومي ٻوليءَ جي حيثيت ڏئي باقي صوبن جي ٻولين کي علائقائي ٻولي قرار ڏيڻ وارو عمل اصولي طور ڪنهن به صوبي کي قبول نه هو پر بنگالين عملي طرح ان خلاف احتجاج ڪيو، جدوجهد ڪئي ۽ اڄ اهي جيڪي ننڍو کنڊ ورهائجڻ وقت پاڪستان ۾ شامل ٿيا هئا، سي پاڻ سان زيادتيون ٿيڻ ۽ حق نه ملڻ خلاف جدوجهد ڪندي هن ملڪ جي ٺهڻ کان پوءِ فقط پنجويهه سالن ۾ الڳ ٿي ويا.

پاڻي هن ملڪ جو ٻرندڙ مسئلو پئي رهيو آهي، اڄ جي دور ۾ ته ملڪ 65 سيڪڙو کوٽ ڀوڳي رهيو آهي، يعني ملڪ اندر 100 سيڪڙو بدران فقط 35 سيڪڙو پاڻي ميسر آهي، جنهن جي ڪري ٻين صوبن خاص ڪري سنڌ ۾ آڳاٽي خريف جي پوکي شديد متاثر ٿي آهي ۽ ٿي رهي آهي، نه رڳو ايترو پر گذريل ٻن ڏهاڪن کان پاڪستان پاڻيءَ جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي، مورڳو پاڪستان سرڪاري طور پاڻي کوٽ وارن ملڪن ۾ شامل ٿي ويو آهي. سو اهڙي صورتحال ۾ کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ احتياطي اپائن تي غور ويچار ڪرڻ بدران ڪالاباغ ڊيم جي مئل گهوڙي کي جيئارڻ جي ڪوشش ڇا دانشمندي آهي؟ ملڪ سان خير خواهي آهي؟.

ڪالاباغ ڊيم جي حق ۾ صرف ۽ صرف پنجاب آهي، جڏهن ته وفاق جون باقي وحدتون يعني سنڌ، خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ان کي بار بار رد ڪندي پنهنجي مفادن خلاف پئي قرار ڏيندا رهيا آهن، ٽنهي صوبن جي اسيمبلين ڪيئي ڀيرا قراردادن جي ذريعي هن منصوبي کي پئي رد ڪيو آهي ۽ ان کي ڪالاباغ ڊيم بدران ”ڪارو نانگ“ به پئي سڏيندا رهيا آهن.

2008ع وارين عام چونڊن جي نتيجي ۾ چونڊجي آيل قومي اسيمبليءَ ۾ به حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ طئي ٿيو هو ته ڪالاباغ ڊيم جيئن ته تڪراري معاملو آهي، جنهن سان ملڪي وحدت کي نقصان ٿي سگهي ٿو، تنهن ڪري ان کي نه ڇيڙيو ويندو پر تنهن باوجود ڪي ڪوتاهه نظر هن معاملي جي پچر ڇڏڻ لاءِ تيار ناهن، سنڌ سمجهي ٿي ته هاڻي ئي جڏهن وفاق ۽ صوبن وچ ۾ پاڻيءَ جي ورڇ وارو 1991ع وارو ٺاهه هجي يا ڪو به ٺاهه جڏهن ان تي ئي عمل نه ٿو ٿئي، ٺاهن جي ڀڃڪڙي ڪندي شديد کوٽ واري دور ۾ به چشما، جهلم ۽ سي جي لنڪ ڪئنال کولي پاڻي کنيو ويندو رهيو آهي، سنڌ جي گهرج پوري ڪرڻ بدران مٿي ئي مٿي پاڻي ذخيرو ڪندي پنهنجي پورت کي اوليت ڏني پئي ويندي رهي آهي، اهڙي صورتحال ۾ جي ڪالاباغ ڊيم تعمير ڪري ان ۾ پاڻي جو ذخيرو شروع ڪيو وڃي ٿو ته ڪهڙي گارنٽي آهي ته سنڌوءَ جي پڇڙي ۾ قائم سنڌ کي گهرج موجب پاڻي ملندو. ساڳي طرح خيبرپختونخوا وارن کي خدشو آهي ته ڪالاباغ ڊيم جي ٺهڻ جي صورت ۾ ان جو ڳچ حصو پاڻيءَ جي ور چڙهي غرق ٿي ويندو.

ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ تي بضد ڌرين جو عجيب دليل پئي رهيو آهي ته پاڻي هونئن ئي سمنڊ ۾ ضايع ٿي رهيو آهي تنهن ڪري اهو ذخيرو ڪرڻ لاءِ ڊيم جي تعمير ضروري آهي، اهڙو دليل ڏيندڙ اُهي عالمي ۽ ملڪي قانون ۽ دليل وساري ويهن ٿا ته آءِ يو سي اين نالي عالمي اداري پنهنجي تحقيقي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته سمنڊ کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ، انساني، آبي توڙي جهنگلي جيوت کي بچائڻ ۽ سنڌ جي ڊيلٽا جي تحفظ لاءِ ڪوٽڙي کان هيٺ گهٽ ۾ گهٽ 35 ملين ايڪڙ فوٽ (ايم اي ايف) پاڻي ڇڏڻ ضروري آهي. آءِ يو سي اين جي تجويز تي اهو چئي عمل نه ڪيو ويو ته ايتري تعداد ۾ پاڻي ئي موجود ناهي پر ان جي جاءِ تي وفاق ۽ صوبن وچ ۾ 1991ع ۾ جيڪو پاڻي ٺاهه ٿيو تنهن ۾ سڀني ڌرين اتفاق ڏيکاريو ته ڪوٽڙيءَ کان هيٺ ساليانو گهٽ ۾ گهٽ 10 ملين ايڪڙ فوٽ (ايم اي ايف) پاڻي ضرور ڇڏيو ويندو، ان معاهدي تي جيڪو وري عمل ٿيو آهي سو به هر ڪنهن جي سامهون آهن.

سنڌ کي پاڻي، ناڻي ۽ وسيلن جي ورڇ ۾ هميشه وفاق کان زيادتيون ٿيڻ جي شڪايت پئي رهي آهي. سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ ۾ جائز حصو نه ملڻ، وسيلن جي ورڇ ۾ زيادتيون ٿيڻ ۽ پاڻيءَ جو پنهنجو جائز حصو نه ملڻ جا جيڪي خدشا آهن، سي جيئن جو تيئن اڄ به برقرار آهن، اهڙي صورتحال ۾ هڪ اهڙي منصوبي جنهن سان ملڪي وحدت ئي خطري ۾ پئجي وڃي، ان کي جيئارڻ جي ڪوشش قطعي طور به ملڪ سان خيرخواهي ناهي، سو ڪالاباغ ڊيم وارو اشو هاڻي هميشه لاءِ دفن ٿيڻ گهرجي.

اربع 6 جون  2018ع، 21 رمضان المبارڪ 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

پوليس گرديءَ جي ورچڙهيل سنڌ

ٽيون ڏينهن وارين اخبارن ۾ پنج کان ست خبرون اهڙيون آهن جن مان عوام ڏانهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے