25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ايم ايم جو 12 نقطن واري منشور جو اعلان

لاهور(ويب ڊيسڪ) ديني پارٽين جي اتحاد محتده مجلس عمل ايندڙ چونڊن جي لاءِ 12 نقطن واري منشور جو اعلان ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب ايم ايم اي جي مرڪزي قيادت هڪ پريس ڪانفرنس ۾ ان منشور جو اعلان ڪيو، منشور ۾ نظام مصطفيٰ لاڳو ڪرڻ ۽ اسلامي قلمن جي تحفظ کي ترجيح حاصل آهي. منشور ۾ بااختيار ۽ آزاد عدليه جو قيام، اختيارن جي هيٺين سطح تي ورڇ، نون ڊيمن جي تعمير ۽ بجلي جي موثر نظام قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو آهي. ايم ايم اي سربراهن جي موجب منشور ۾ ڀارت جي آبر جارحيت جو موثر تدارڪ ۽ سي پيڪ ۾ مقامي آبادي جي روزگار ۽ انفرااسٽريڪچر کي ترجيح ڏني ويندي. منشور ۾ ملڪ ۾ باوقار ۽ آزاد پرڏيهي پاليسي جوڙن جي ضرورت تي زور ڏنو ويو آهي، گڏوگڏ سمورن ملڪن سان برابري جي بنياد تي لاڳاپا قائم ڪيا ويندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے