19 آچر , آگسٽ 2018

گوگل لينس هاڻ اسٽينڊالون ايپ جي طور تي دستياب

Google Lines Available as a Standalone appڪيلفورنيا (ويب ڊيسڪ) اڪثر ڪري موبائل فون تان تصوير ڪڍڻ بعد زوم ڪري ڏسڻ سان عڪس ٻاڙو نظر ايندو آهي، جنهن سبب اهو نشان يا نالو صيحيح طرح سان نظر ناهي ايندو، پر گوگل لينس ان مشڪل مان ڇٽڪارو ڏئي ڇڏيو آهي. هي گوگل لينس پلي اسٽور تي موجود آهن، جنهن لاءِ اسٽينڊالون ايپ ڊائون لوڊ ڪرڻ ضروري آهي. گوگل لينس هڪ ذهين ڪميرا آهي، جنهن جي مدد سان ڪنهن به فن پاري ۽ جاءِ کي ويجهڙائي سان ڏسي ۽ معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي. ان کان علاوا ان فيچر جي مدد سان بار ڪوڊز ۽ ٽيڪس کي اسڪين ڪرڻ جي سهولت به موجود آهي يا وري واهپيدار چاهن ته ان ۾ ڪا به شئي ڪاپي پيسٽ پڻ ڪري سگهن ٿا ۽ ڪلينڊر ۾ ڪو به اهم ايونٽ به محفوظ ڪري سگهن ٿا. مطلب ته ان گوگل لينس جي ذريعي اُنهن سمورين شين جي معالومات ملي سگهندي جيڪا واضح طور تي ڏسي نٿي سگهجي. ٽيڪنالاجي ويب سائٽ ميش ايبل موجب اسٽينڊ الون ايپ جا فيچر جلد ئي اينڊرائيڊ جي سمورن واهپيدار پڻ استعمال ڪري سگهندا پر پلي اسٽور موجب اها ڊيوائس ۾ رڳو مارش ميلو سان گڏ ڪم ڪندو. پر ايپ جي متعارف ٿيندي ڪجهه واهپيدارن جي طرفان شڪايت ڪئي وئي آهي ته هي گليڪسي 7 ايج، ۽ يو  ۽ موٽورولا  جي 4 ۾ ڪم ناهي ڪري رهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Due to the destruction of smartphone and tablet light blue eyesight eyes

سمارٽ فون ۽ ٽيبليٽ جي نيري روشني اکين نقصانڪار

اوهايو(ويب ڊيسڪ) سائنسدانن سمارٽ فون ۽ ٽيبليٽ جي نيري روشني کي اکن لاءِ نقصانڪار قرار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے