20 خميس , سيپٽمبر 2018

قومي ٽيم جو فيلڊنگ ڪوچ رڪس اسڪاٽ لينڊ خلاف سريز بعد عهدو ڇڏي ڏيندو

The National Team's Facing Squash will leave Scotland against the Scotland afterwardsلنڊن(اسپوٽس نيوز) قومي ٽيم جو فيلڊنگ ڪوچ اسٽيو رڪسن اسڪاٽ لينڊ خلاف 2 ٽي 20 ميچن بعد پنهنجو عهدو ڇڏي ڏيندو. آسٽريليا سان وسطو رکندڙ اسٽيو رڪسن 2 سال مڪمل ٿيڻ بعد پاڪستاني ٽيم جي ڪوچنگ کي خيرآباد چئي رهيو آهي، سندس جاءِ ته هڪ ٻيو آسٽريلوي ڊيرن بيري نئين فيلڊنگ ڪوچ لاءِ مضبوط اميدوار آهي. ڊرين ڏکڻ آسٽريليا، وڪٽوريا جي طرفان وڪيٽ ڪيپر رهي چڪو آهي ۽ هو وڪيٽ ڪيپر آهي، انڪري سندس موجودگي ۾ ڪپتان سرفراز احمد کي پڻ فائدو ٿيندو.  ميڊيا جي رپورٽن موجب ڊيرن بيري آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ ايڊم گلڪرسٽ سان گڏ ڪم ڪري چڪو آهي ۽ هو ڪرڪيٽ تان ريٽائر ٿيڻ بعد مختلف فٽبال ڪلبن لاءِ ڪم ڪري چڪو آهي. هن بگ بيش ۾ ايڊليڊ اسٽرائيڪر جي نمائندگي ڪئي ۽ آءِ پي ايل ۾ راجسٿان رائلز لاءِ پڻ ڪم ڪري چڪو آهي، ان وقت ڏکڻ آسٽريليا جي ٽيم سدرن ريبوڪ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. 2004 ۾ ڪرڪيٽ تان ريٽائر ٿيڻ بعد ڊيرن بيري ڪجهه عرصو ڪمنٽري ۾ پڻ قسمت آزمائي هئي. رپورٽن موجب اسڪاٽ لينڊ جي خلاف ٻن ميچن بعد ناراض فيلڊنگ ڪوچ اسٽيو رڪسن پاڪستان ٽيم کي الوداع ڪندو، جنهن بعد پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جلد نئين فيلڊنگ ڪوچ جو عهدو لاءِ اشتهار ڏيندي پر هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر ڊيرن بيري سان رابطي ۾ آهي هو ان عهدي لاءِ درخواست ڏيندو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ مڪي آرٿر جي سفارش اچڻ بعد هارون رشيد، مدثر نذر ۽ انضمام الحق تي ٻڌل ڪميٽي ڊيرن بيري  جي نالي تي غوري ڪندي. رپورٽون آهن ته انگلينڊ جي چيمز فوسٽر اڃان ڪرڪيٽ کيڏي رهيو آهي، انڪري سندس نالو فهرست ۾ اڳتي نه وڃي سگهندو. ياد رهي ته اسٽيو رڪسن جي مقرري ٻه ورهيه اڳ ٿي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪوهلي جي نه هجڻ سان ڀارتي ٽيم تي فرق ضرور پوندو: سرفراز احمد

دبئي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ورات ڪوهلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے