19 اربع , سيپٽمبر 2018

ملتان جي عدالت ريحام خان جي ڪتاب تي عارضي پابندي لڳائي ڇڏي

ملتان ( ويب ڊيسڪ ) ملتان جي عدالت تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي اڳوڻي گهر واري ريحام خان جي ڪتاب تي نمائش خلاف منع نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي. تحريڪ انصاف لائرز ونگ جي صدر غلام مصطفيٰ چوهاڻ طرفان ملتان جي سول ڪورٽ ۾ ريحام خان جي ڪتاب جي نمائش روڪڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ريحام خان مسلم ليگ ن لاءِ استعمال ٿي رهي آهي، هن تحريڪ انصاف جي قيادت کي بدنام ڪرڻ جي سازش آمريڪا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير حسين حقاني سان گڏجي ڪئي آهي. درخواستگذار عدالت کي درخواست ڪئي ته ريحام خان جي ڪتاب جي متن جو ڪجهه حصو مبينا طور حقيقت خلاف آهي، تنهن ڪري ريحام خان جي ڪتاب تي پابندي لڳائي وڃي ۽ ان جي ڇپائي روڪي وڃي. عدالت ريحام خان جي ڪتاب جي مهورت خلاف منع نامو جاري ڪندي ريحام خان، حسين حقاني ۽ پيمرا کان 9 جون تي جواب طلب ڪري ورتو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف، مريم ۽ صفدر جي اصل منزل اڊيالا جيل ئي آهي: فيصل جاويد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فيصل جاويد چيو آهي ته نواز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے