18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

نيوز: واھي پانڌي: رمضان جي ڀلاري مھيني ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جاري، احتجاج

Wahi pandhi: Rameli's load shedding continued in Ramadaan month's month, protest*واھي پانڌي سميت  ڪاڇي جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ رمضان جي ڀلاري مھيني ۾ به بجلي جي لوڊشيڊنگ تي ضابطو نه اچي سگهيو .

ٽنڊو رحيم خان،  ڇني، حاجي خان، ھيرو خان، قصبو، ڊرگھه بالا  ۽ ٻين ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ سيپڪو پاران 16 کان 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.

ڪاڇي واسين جو چوڻ آھي ته لوڊشيڊنگ سبب روزيدار سخت پريشانين جو شڪار آھن جڏهن ته  بجلي جي بدترين لوڊشيڊنگ سبب ڪاروبار پڻ سخت متاثر ٿي ويو آھي.

هنن ٻڌايو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب ڪاڇي جي مختلف ڳوٺن ۾  پاڻي جي  شديد کوٽ پيدا ٿيڻ ڪري علائقي واسي سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن.

ڪاڇي واسين اعلي اختيارن کان مطالبو ڪيو  آھي ته   ھٿرادو لوڊشيڊنگ ڪندڙن سيپڪو اختيارين خلاف ڪارروائي ڪري کين پريشاني کان ڇوٽڪارو ڏنو وڃي………………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

Tando Allahyar: unknown youth violence targeted body

نيوز: ٽنڊو الهيار: اڻڄاتل نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ

 ٽنڊي الهيار ۾ اڻڄاتل نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ ڪيو ويو. طالب الموليٰ ڪالوني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے