23 آچر , سيپٽمبر 2018

29 رمضان تي شوال جي چنڊ نظر اچڻ جا امڪان گهٽ آهن: موسميات وارو کاتو

The expectations for getting shot at 29 Ramadan are less likely: Weather departmentاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) موسميات واري کاتي چيو آهي ته سائنسي لحاظ کان 29 رمضان تي شوال جو چنڊ نظر اچڻ جا امڪان گهٽ آهن. رمضان المبارڪ جا ڏينهن جيئن جيئن پڄاڻي طرف وڌي رهيا آهن ان گڏ ئي پوري ملڪ ۾ شوال جي چنڊ جي بابت اڳ ڪٿيون ڪيون پيون وڃن. ان حوالي سان موسميات واري کاتي پڻ اڳڪٿي ڪئي آهي. موسميات واري کاتي مذهبي معاملي واري وزارت کي شوال جي چنڊ جي عمر بابت تفصيل سان آگاهه ڪيو آهي.موسميات واري کاتي موجب سائنسي لحاظ کان 29 جون رمضان تي چنڊ نظر اچڻ جا امڪان گهٽ آهن، شوال جي چنڊ جي پيدائش 14 جون جي رات 12:45 تي ٿيندي ۽ سج لهڻ وقت چنڊ جي عمر 19 ڪلاڪ 3 منٽ هوندي. موسميات واري کاتي چيو آهي ته سج لهڻ واري وقت کان چنڊ 39 منٽن تائين آسمان تي نظر ايندو۽ سائنسي طور تي چنڊ جي عمر 26 ڪلاڪ 42 منٽ هجي ته اهو نظر اچي سگهي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي پروٽوڪول تي احتجاج ڪندڙ شهري تي ڪيس داخل

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) صدر عارف علوي جو پروٽوڪول ٽوڙڻ، سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے