19 اربع , سيپٽمبر 2018

روسي صدر پيوٽن صدر ممنون حسين سان ملاقات جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي

اسلام آباد / ماسڪو ( ويب ڊيسڪ ) روسي صدر ولاديمير پيوٽن صدر ممنون حسين سان ملاقات جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. روس پاڪستان سان لاڳاپا مضبوط ڪرڻ ۽ وڌائڻ جو اشارو ڏنو آهي ۽ روسي صدر شنگهائي سهڪاري تنظيم جي اجلاس ۾ صدر ممنون حسين سان ملاقات جي درخواست ڪئي. ٻئي طرف پاڪستان به روسي صدر جي درخواست جو هاڪاري جواب ڏنو آهي ۽ ولاديمير پيوٽن ۽ ممنون حسين ۾ ملاقات طئي ٿي وئي آهي. ذريعن موجب صدر ولاديمير پيوٽن ۽ صدر ممنون حسين ۾ ملاقات ايس سي او ڪانفرنس جي سائيڊ لائين تي ٿيندي ۽ ان حوالي سان سڪيورٽي ڊويزن ناصر جنجوعا جي روس جي دوري دوران اڳڀرائي کان صدر کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ناصر جنجوعا خطي ۾ پاڪستان جي اهميت کان روسي اختيارين کي تفصيل کان آگاهه ڪيو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے