26 اربع , سيپٽمبر 2018

مڪي آرٿر شاداب خان کان شرط هارائڻ بعد سموري ٽيم کي ماني کارائي

After finishing the condition of Mikr Arthur Shadab Khan, the whole team uses foodليڊز(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر شاداب خان کان شرط هارائي ويو جنهن بعد کيس پوري ٽيم کي ماني کارائڻي پيجي وئي. انگلينڊ جي خلاف سريز کان اڳ هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر شاداب خان کي پنهنجي بيٽنگ وڌيڪ بهتر ڪرڻ جو چيو جنهن تي شاداب خان چيو هو ته توهان پريشان نه ٿيو ڇو ته ٽي ٽيسٽ ميچون آهن ۽ ٽي ففٽيون ئي اسڪور ڪندس. ۽ پوءِ جيڪو ٿيو اهڙو ئي ٿيو، آئرلينڊ جي خلاف مالاهائيڊ ۾ ۾ جڏهن شاداب ڊيبيو تي ففٽي اسڪور ڪئي هن گرائونڊ مان مڪي آرٿر کي آڱر جو اشارو ڪندي چيو ته ”هڪ مڪمل ٿي“ اهڙو ئي ڪجهه انگلينڊ خلاف لارڊز ٽيسٽ ۾ ٿيو جنهن ۾ هن ففٽي اسڪور ڪرڻ بعد مڪي آرٿر طرف ٻن آڱرين جو اشارو ڪيو. جنهن مطلب هو ته هو شرط موجب ٻي ففٽي اسڪوري ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي ۽ پنهنجي هدف جو ويجهو آهي. انگلينڊ جي خلاف ليڊز ٽيسٽ ۾ شاداب ٽئين سينچري اسڪور ڪئي ته کيس هيڊ ڪوچ طرف ٽن آڱرين جو اشارو ڪيو ۽ گرائونڊ کاڌي اشارو پڻ ڪيو. شاداب خان جر طرفان شرط پوري ڪرڻ تي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر چيو ته اها شرط هارائڻ بعد کيس پوري ٽيم کي ماني کارائڻي پئي پر هڪ نوجوان بيٽسمين طرفان ڪميٽمنٽ ڪمال جي هئي. مڪي آرٿر چيو آهي ته شاداب خان جيڪو چيو ڪري ڏيکاريو، پاڪستان جي موجودا ٽيم جي ڊريسنگ روم جو ماحول ايترو ته بهترين آهي جو حيرت ۾ وٺجي ويو آهيان، هر رانديگر هڪ ٻئي جي مدد ڪري رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

File of Umar Akmal case is not closed, the test continues: Elx Martial

فڪسنگ جو انڪشاف، عمر اڪمل ڪيس جي فائيل بند ناهي ٿي،  جاچ جاري آهي: ايلڪس مارشل

دبئي( اسپورٽس نيوز ) ٽيسٽ ڪرڪيٽر عمر اڪمل جي مئچ فڪسنگ جي آڇ ٿيڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے