23 آچر , سيپٽمبر 2018

تحريڪ انصاف ريحام خان جي ڪتاب تي پابنديءَ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف عمران خان جي اڳوڻي گهر واري ريحام خان جي ڪتاب تي پابنديءَ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي تحريڪ انصاف جي ترجمان فواد چوڌري چيو ته اهڙي ڪتاب تي پابندي لڳائڻ گهرجي، ريحام خان جو ڪتاب چونڊن کان اڳ ڌانڌلي آهي. هن چيو ته حنيف عباسي چيو هو ته ريحام خان جو ڪتاب اليڪشن کان اڳ اچي ويو ته ڇا ٿيندو، سوال سال اڳ راڻا ثناءَ الله، عابد شير علي ۽ حنيف عباسي وت ڪتاب جو مواد ڪيئن هو؟ هن چيو ته  رائيونڊ نيٽ ورڪ آهي جنهن کي حسين حقاني ذريعي آپريٽ ڪيو ويو، ايف آءِ اي جي سائبر ونگ معاملي جي جاچ ڪري. سندس چوڻ هو ته ريحام خان 24 ڪلاڪن اندر ڪتاب جي مواد جي تريد ڪري ڇو ته ڪتاب ۾ جيڪي ڳالهيون ٿيون آهن تنهن تي قانوني ڪارروائي ڪري سگهجي ٿي. فواد چوڌري چيو ته ريحام خان جي ڪريل ذهنيت جو اندازو ڪتاب مان لڳائي سگهجي ٿو، ريحام خان معافي وٺي نه ته قانوني ڪارروائي ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته عمران خان هڪ مشهور شخصيت آهي، کيس سموري دنيا سڃاڻي ٿي، سندس ڪتو شيرو به سوشل ميڊيا تي مشهور آهي، ريحام خان عمران خان سان شادي ڪئي ته اها به مشهور ٿي وئي. سندس چوڻ هو ته ريحام خان کان سوال ڪڻڪ جو ڪيو ويو ته جواب مليو چڻو. فواد چوڌري چيو ته ڪتاب رڳو ريحام خان جي ذهني گندگيءَ جو اظهار آهي، هوءَ ٻڌائي ته ٽن سالن کان ڪم نه ڪري رهي آهي ته پئسا ڪٿان اچي رهيا آهن. هن چيو ته رڳو اليڪشن کان 60 ڏينهن اڳ ڪتاب ڇو اچي رهيو آهي؟

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے