25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

پاڪستان ۾ عيدالفطر تي ڀارتي فلمن جي نمائش تي لاڳو پابندي ۾ نرمي

Flexibility in applying for Indian films on Eid ul-Fitrڪراچي(شوبز نيوز) عيدالفطر جي موقعي ته سموري ملڪ جي سينما گهرن ۾ ڀارتي فلمن تي لاڳو ٻن هفتن جي پابندي ۾ نرمي ڪري هڪ هفتو ڪئي وئي آهي. گذريل هفتي سڌ سماءَ واري وزارت، براڊ ڪاسٽنگ، قومي، تاريخي ثقافتي ورثه پاڪستان ۾ عيدالفطر جي موقعي ته ڀارتي فلمن جي نمائش تي پابندي لاڳو ڪئي هئي. جنهن موجب عيدالفطر جي ٻن هفتن تائين ڀارتي فلمن کي پاڪستاني سينمائن ۾ نمائش جي اجازت نه هئي ته جيئن پاڪستاني فلمون ٻن هفتن ۾ بزنس ڪري پنهنجو خرچ پورو ڪري سگهن. سڌ سماءِ واري وزارت ان فيصلي کي انڊسٽري سان واسطو رکندڙ توڙي ٻين ڌرين جي وٽان تمام گهڻي پزيرائي ملي هئي. پر هاڻي ڀارتي فلمن جي نمائش تي لاڳو پابندي ۾ ٿوري نرمي ڪندي رڳو هڪ هفتو ڪئي وئي آهي جنهن تحت هاڻ ڀارتي فلمون مقامي سينمائن ۾ عيدالفطر جي هڪ هفتي بعد ئي ريليز ڪيون وينديون. سينٽرل بورڊ آف فلم سينسر(سي بي ايف سي) جي چيئرمين دانيال گيلاني چيو آهي ته مقامي فلمي صنعت ۽ نمائش جي سهولتن کي ڏسندي حڪومت اهو فيصلو ڪيو آهي ته عيدالفطر ۽ عيد الضحيٰ جي موقعي تي ڀارتي فلمن جي نمائش کي هڪ هفتو دير سان ريليز ڪيو وڃي. ميڊيا جي رپورٽن موجب حڪومت طرفان لاڳو پابندي ۾ ترميم ڪجهه بااثر گروپن سبب سامهون آئي آهي جيڪي مقامي سينما انڊسٽري تي اثر انداز آهن، اهو گروپ پاڪستاني سنيما تي ڀارتي فلمن جي نمائش تي لاڳو پابندي ۾ نرمي ڪرائڻ جو زميوار آهي، پاڪستان فلمز آف ڊسٽريبيوشن ايسوسي ايشن جي چيئرمين اعجاز ڪامران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اهو تمام گهڻو طاقتور گروپ آهي، اهي ماڻهو نٿا ڄاڻن ته سندن اهڙي قدم سان مقامي فلمن جي بزنس ڪيترو وڌيڪ اثر انداز ٿينديون، جڏهن ته اهي ڊسٽربيوٽر جن پاڪستاني فلمون خريد ڪري ورتيون آهن انهن کي ڪيترين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو. ڀارتي فلمن تي لاڳايل پابندي ۾ نرمي بعد پاڪستان فلمن کي ڀارتي فلمن سان سخت مقابلو ڪرڻو پوندو، پاڪستاني فلمن جو سڀ کان وڌيڪ مقابلو باليووڊ دبنگ اداڪار سلمان خان جي فلم”ريس3“ سان ٿيندو جيڪا پاڪستاني سينما گهرن ۾ عيدالفطر جي هڪ هفتي بعد ريليز ڪئي ويندي، جڏهن ته ٻي فلم اداڪار سنجي دت جي حياتي ٻڌل فلم ”سنجو“ آهي جيڪا پاڪستاني فلمن سان مقابلو ڪندي. سينيئر فلم ڊسٽريبوٽرن چيو آهي ته پهريان پاڪستاني فلمن کي عيد تي سٺو بزنس ڪرڻ لاءِ ٻه هفتا مليا هئا، پر هاڻ کين هڪ هفتي اندر سٺو بزنس ڪرڻو پوندو. پاڪستاني فلم پروڊيوسرن ڀارتي فلمن جي نمائش تي پابندي مان خوش هئا پر پابندي ۾ نرمي واري فيصلي کين مايوس ڪري ڇڏيو آهي.ٻئي پاسي ڀارتي فلمن جي تجزيه نگار گريش جوهر پاڪستان ۾ ڀارتي فلمن جي نمائش تي لاڳايل پابندي ۾ نرمي ڪرڻ واري فيصلي تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته آهي ته اهو فيصلو سلمان خان جي مداحن لاءِ وڏي خبر آهي، يقين آهي ته پاڪستاني فلم ڊسٽريبيوٽر به فلم” ريس 3“ جي پاڪستان ۾ نمائش جا خواهشمند هئا. ياد رهي ته عيدالفطر جي موقعي ته اداڪارا ماهرا خان ۽ شهريار منور جي فلم”سات دن محبت ان“ جاويد شيخ  ۽ دانش تيمور جي فلم ”وجود“ ۽ معمر رانا ۽ سونيا حسين جي فلم”آزادي“ ريليز ٿي رهيو آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

From the beginning I'm not going to enter the item number: kubra khan

شروع کان چئي رهي آهيان ته آئٽم نمبر نه ڪنديس: ڪبريٰ خان

ڪراچي ( شوبز نيوز ) ويجهڙائي ۾ ريليز ٿيندڙ فلم ”طيفا اِن ٽربل“ جي آئٽم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے