19 اربع , سيپٽمبر 2018

عمران خان ثابت ڪري چڪو ته ملڪي قيادت جي اهل ناهي: احسن اقبال

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ ۽ اڳوڻي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته عمران خان جي سيکڙائپ کيسعام چونڊن ۾ شڪست ڏيڻ لاءِ ڪافي آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته پاڪستان کي تسلسل جي ضرورت آهي، ايندڙ چونڊن ۾ ڪي پي، سنڌ ۽ بلوچستان جو عوام به ن ليگ کي ووٽ ڏيندو. هن چيو ته 25 جولاءِ تي سموري قوم ن ليگ ۽ شينهن کي ڪامياب ڪندي، جيڪڏهن ڪو اناڙي اچي ويو ته ترقي جو عمل روڪ بيڪ ڪري ڇڏيندو. سندس چوڻ هو ته اسان سي پيڪ جو بنياد رکيو آهي، سي پيڪ جي بنياد تي عمارت بيهارڻ جي ضرورت آهي، اسان جيڪي رٿائون شروع ڪيون تنهن کي مڪمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. احسن اقبال چيو ته اسلام آباد لاهور جي هڪ موٽروي جي لاڳت چار موٽرويز جي لاڳت ۾ مڪمل ٿي، 1990ع ۾ لاهور اسلام آباد موٽروي اسان ٺاهي، پ پ آئي ته روڪي ڇڏي هئي، جيڪڏهن تبديلي ٿي ته اربين ڊالر جا ترقياتي منصوبا روڪيا ويندا. هن چيو ته ايندڙ چونڊ نعرن نه ڪارڪردگي ۽ تسلسل جي هوندي، پنجاب ۽ لاهور جي ترقي کي سموري دنيا واکاڻ ڪري رهي آهي. سندس چوڻ هو ته پشاور شهر کنڊر ۽ ڪراچي گند جو ڍير بڻيل آهي، هڪ ڏينهن ٻنهي شهرن ۾ ترسڻ سان خبر پئجي ويندي ته ڪهڙي پارٽي ملڪ کي ترقي ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي. احسن اقبال چيو ته ملڪ جي ٽن وڏين پارٽين جي ڪارڪردگي لاءِ هڪ ڏينهن ڪراچي، لاهور ۽ پشاور ۾ ترسي ڏٺو وڃي. احسن اقبال چيو ته عمران خان ثابت ڪري چڪو آهي ته ملڪ جي قيادت جي اهل ناهي، نگران وڏي وزير بابت عمران خان جو يوٽرن سندس نااهلي ۽ سيکڙائپ جو ثبوت آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف، مريم ۽ صفدر جي اصل منزل اڊيالا جيل ئي آهي: فيصل جاويد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فيصل جاويد چيو آهي ته نواز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے