23 آچر , سيپٽمبر 2018

توهين عدالت ڪيس: احسن اقبال جي عدليه مخالف پريس ڪانفرنس جي وڊيو هلائي وئي

The song reminds me that God is the greatest: Ahsan Iqbalلاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي دوران اڳوڻي گهرو وزير احسن اقبال جي عدليه مخالف پريس ڪانفرنس جي وڊيو هلائي وئي. جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.  احسن اقبال پنهنجي وڪيل سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿي لکت جواب پيش ڪيو. احسن اقبال چيو ته مان ڪڏهن به عدليه جي توهين نه ڪئي آهي ۽ نه وري ضمير تي ڪو بار آهي، پرڏيهي پنهنجي ايجنڊا کي ملڪ ۾ داخل ڪري رهيا آهن، ملڪ کي اندروني طور مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. جسٽس مظاهر علي نقوي اڳوڻي گهرو وزير جي پريس ڪانفرنس جي وڊيو هلائڻ جو حڪم ڏنو ته احسن اقبال نه هلائڻ جي درخواست ڪئي جيڪا عدالت رد ڪري ڇڏي. جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي رمارڪس ڏيندي چيو ته ملڪي حالتون خراب ڪرڻ ۾ شروعات ڪنهن ڪئي، پنجن ججن واري معاملي ۾ عدليه جي توهين ڪنهن ڪئي. عدالت چيو ته دانيال عزيز، طلال چوڌري، مريم اورنگزيب ڇا ڇا نه چيو. احسن اقبال جي وڪيل چيو ته ڪنهن جي سزا اسان کي نه ڏيو،اسان ته توهان سامهون ڪنڌ جهڪائي بيٺا آهيون، جڏهن ڪو اکيون جهڪائي ته کيس معاف ڪرڻ گهرجي. وڪيل اعظم نذير تارڙ چيو ته جواب جي روشني ۾ توهين عدالت جو نوٽيس خارج ڪيو وڃي. هن چيو ته احسن اقبال جي بيان کي ٽي وي ٽي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو آهي. جسٽس مظاهر علي نقوي چيو ته اسان به شڪايت جو جواب ڏئي رهيا آهيون. جسٽس مسعود جهانگير چيو ته احسن اقبال صاحب توهان مان اهڙي اميد نه هئي،  توهان جي فون تي فيصلو ڪيون ها ته عدليه ٺيڪ هجي ها؟ توهان جي محلن ۾ وڃي توهان سان ملون ته ٺيڪ، پاناما جو فيصلو اچي وڃي ته عدليه خراب آهي. هن چيو ته حديبيا ۽ خواجه آصف جو فيصلو حق ۾ اچي وڃي ته عدليه ٺيڪ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے