21 جمعو , سيپٽمبر 2018

پاڪستاني ڪرڪيٽر ٽي 10 ليگ ۾ شرڪت ڪندا

Pakistani cricketers will attend T-10 ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستاني رانديگر هلندڙ سال به ٽي 10 ليگ ٽورنامنٽ ۾ ايڪشن ۾  نظرايندا. ٽي ٽين ليگ جي پهرين ايڊيشن ۾ ڪيترائي پاڪستاني رنديگر ايڪشن ۾ نظر آيا هئا. چيف سليڪٽر انضمام الحق پڻ پنهنجي ڀاءُ گڏجي هڪ ٽيم خريد ڪئي هئي پر ميڊيا تي ۾ تنقيد بعد هو پوئتي هٽي ويو هو . پر هو سفير طور ايونٽ جو حصو رهيو.پاڪستان سپر ليگ جي هڪ فرنچائز ٽيم جو مالڪ هن ليگ سان سالهاڙيل آهي، گذريل سال پهرين ايڊيشن کي پي سي بيءَ مڪمل سپورٽ ڪيو هيو، جنهن تي تمام گهڻي تنقيد پڻ سامهون آئي هئي. ميڊيا جي رپورٽن موجب هن سال ٽي ٽين جي ٻئين ايڊيشن ماضي وانگر وجهڙائي وارو واسطو نه رکيو ويندو، بورڊ پي ايس ايل فرنچائزن کان پڇاڻو ڪيو آهي ته جيڪڏهن ليگ لاءِ رانديگرن کي ريليز ڪري ته کين ڪو اعتراض ته ناهي، ان تي ڪيترن ئي راضپي ظاهر ڪيو آهي، ان لاءِ بورڊ ٽي ٽين ليگ ۾ پنهنجن رانديگرن کي موڪليندو، ان حوالي سان تنظيمن جي طرفان باقائدا درخواست پڻ آئي آهي، پي سي بيءَ ليگ اختيارين کي مفاهمت جي يادشت وارو مسودو موڪلي ڇڏيو آهي جنهن جلد صيحيح ٿيڻ جي اميد آهي. ياد رهي ته هلندڙ سال ايونٽ 29 نومبر کان 7 ڊسمبر تائين يو اي اي ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي، ان دوران پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ خلاف پنهنجي سريز مڪمل ڪري چڪي هوندي، هن دفعي ليگ ۾ 13 جي جاءِ 28 ميچون کيڏيون وينديون، ٻن نئين ٽيمن ڪراچيئنز ۽ ناردرن وارئيرز پڻ شامل ڪيون ويون آهن، جنهن بعد ايونٽ ۾ شريڪ ٽيمن جو انگ 8 ٿي ويو آهي. سريلنڪن هاڻ نئين نالي رجسٿاني هيروز جي نالي سان شامل ۽ ايونٽ ۾ پوري دنيا جا اسٽار ڪرڪيٽرن حصو وٺندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪوهلي جي نه هجڻ سان ڀارتي ٽيم تي فرق ضرور پوندو: سرفراز احمد

دبئي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ورات ڪوهلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے