19 آچر , آگسٽ 2018

فيسبڪ ۽ واٽس ايپ تي” گپ شپ“ ٽيڪس لاڳو

يوگنڊا(ويب ڊيسڪ) افريقي ملڪ يوگنڊا ۾ فيسبڪ ۽ واٽس ايپ تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالهائڻ وارن صارفين تي ” گپ شپ“ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. جڏهن ته يوگنڊا جي حڪومت  مانهن کي بي مصرف ۽ سوشل ميڊايا تائين لاڳيتي گفتگو کان روڪڻ لاءِ فيس بڪ واٽس ايپ، وائبر ۽ ٽوئٽر تي 4 کان 5 سينٽ ” گپ شپ ٽيڪس“ لاڳو ڪئي آهي جنهن جي شروعات پهرين جولاءِ کان ڪئي ويندي. ان کان پهريان يوگنڊا جي پارليمنٽ ۾ خميس واري ڏينهن هڪ قانون پاس ڪيو هو جنهن جي تحت سماجي رابطن  جي مخلتف ويب سائٽن کي استعمال ڪرڻ وارن صارفين سان ٽيڪس جي مد ۾ 200“ يگنڊا شيلنگ“ وصول ڪيا ويندا ان کان سواءِ پارليمنٽ هر موبائل ٽرانزيڪشن تي هڪ سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو. افريقي ملڪ طرفان يوگنڊا  صدر يوواري موسويني جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا گپ شپ ۽ فضول بڪواس کي فروغ ڏئي ٿو جنهن جي روڪ ٿام ضروري آهي جيڪڏهن حڪومت کي مد ۾ ڪجهه رقم حاصل ٿئي ٿي ته اها سٺي ڳالهه آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Due to the destruction of smartphone and tablet light blue eyesight eyes

سمارٽ فون ۽ ٽيبليٽ جي نيري روشني اکين نقصانڪار

اوهايو(ويب ڊيسڪ) سائنسدانن سمارٽ فون ۽ ٽيبليٽ جي نيري روشني کي اکن لاءِ نقصانڪار قرار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے