21 خميس , جون 2018

انساني جسم ۾ ٻه دماغ هوندا آهن: ماهرن جو انڪشاف

هيڊفورڊ (ويب ڊيسڪ)ماهرن انڪشاف ڪيو آهي ته انساني جسم ۾ ٻه ٻه دماغ هوندا آهن ٻيو دماغ معدي ۽آنڊرن جي ويجهو هوندوآهي جيڪو هاضمي جي نظام ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي. اسٽريليا جي ماهرن جو چوڻ آهي ته انساني جسم ۾ معدي ۽ آنڊرن جي ويجهو هڪ ٻيو دماغ هوندو آهي هي دماغ برقياتي لهرن کي آنڊرن جي حرڪت movement peristaltic سان غذائي نالي کي نچلي ڏانهن حرڪت ڏيندو آهي جنهن سان جسم ۾ جي فضلي جي اخراج ۾ مدد ملندي آهي. هي باقاعده دماغ  ناهي پر آنڊرن ۾ به دماغي خليات يعني نيورونز جو هڪ بنڊل هوندو آهي جنهن کي ماهر آنڊرن جو ننڍو دماغ چيو آهي. ماهرن مشاهدو ڪيو آهي ته انساني جسم ۾ مرڪزي اعصابي نظام(سينٽرل نروس سسٽم يا (CNSکان سواءِ نيورونز تي ٻڌل هڪ ٻيو نظام به ڪم ڪري رهيو آهي جنهن کي آندرن جو اعصابي نظام يا (ENS) چيو ويندو آهي. هي اعصابي نظام مرڪزي اعصابي نظام سان الڳ هوندو آهي ۽ آزادانه ۽ خود مختيار  ڪم ڪندو آهي ان لاءِ ان کي ٻيو دماغ قرار ڏنو ويو آهي. هن تحقيق کان پوءِ ماهرن اشتراکي طور تي غذائي نالي جي بيماريون جي علاج لاءِ Optogenetics Techniques جي بجائي ٻئي علاج تي تحقيق ڪري رهيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڌيڪ لوڻ جو استعمال آنڊن جي فائديمند بيڪٽريا لاءِ هاڃيڪار قرار

برلن( ويب ڊيسڪ) هڪ نئين جاچ مان انڪشاف ٿيو آهي ته لوڻ جو وڌيڪ استعمال …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے