16 خميس , آگسٽ 2018

رهيل پگهارون ادا نه ڪرڻ تان زمبابوي رانديگرن ٻيهر ٽي ملڪي سريز جو بائيڪاٽ ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

Zimbabwe beat Zimbabwe after being beaten by two wicketsهراري(اسپورٽس نيوز) زمبابوي ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن پگهارو نه ملڻ تي پاڪستان ۽ آسٽريليا سان ايندڙ مهيني شيڊول ٽي ملڪي ٽي 20 سريز جو بائيڪاٽ جي ٻيهر ڌمڪي ڏئي ڇڏي. رانديگرن بورڊ کي الٽيميٽم ڏنو آهي ته جيڪڏهن کين رهيل پگهارون ۽ ميچ فيس وغيرا 25 جون تائين ادا نه ڪيون ويون ته پوءِ هو جولائي ۾ ٿيندڙ ٽي ملڪي ٽي 20 سريز جو بائيڪاٽ ڪندا. رپورٽ موجب زمبابوي ڪرڪيٽرن کي گذريل ٽن ميهنن جو رهيل پگهارون ۽ گذريل سال جولائي ۾ سريلنڪا جي دوري بعد هن وقت تائين ميچ فيس ادا ناهي ڪئي وئي. هو اڳ ئي احتجاج طور ٽي ملڪي سريز جي تياري لاءِ ٽريننگ ڪرڻ کان انڪار ڪري چڪا آهن، زمبابوي جي نئين قائم مقام ڪوچ لال چند راجپوت جي 10 جون تي زمبابوي آمد جي موقعي ته، کيس خالي نيٽ ڏسڻ لاءِ ملي سگهن ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

قومي ڪرڪيٽرن جا آزادي ڏهاڙي جي حوالي سان خاص پيغام

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ جو 71هون جنم ڏينهن جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے